اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگبندي نه ڪرائن هان ته اڄ دنيا ۾ تيل 250 ڊالر في بيرل کان به مٿي چڙهي وڃي هان.
شڪرڳڙهه ۾ ڪارنر ميٽنگ دوران احسن اقبال خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ ايران ڇڪتاڻ دنيا ۾ تيل جو بحران پيدا ڪري ڇڏيو، ڪوشش آهي ته ايران ۽ آمريڪا جنگ جو مڪمل خاتمو ٿيئي ۽ تيل ٻيهر سستو ٿي وڃي.
وفاقي وزير چيو ته جيئن وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگ بندي نه ڪرائن هان ته اڄ دنيا ۾ تيل 250 ڊالر في بيرل کان به وڌي وڃي هان.