اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيئرمين پي سي بي محسن نقوي ايندڙ سال پي ايس ايل ۾ نوان وينيوز شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
چيئرمين پي سي بي محسن نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي لاهور جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته فائنل ميچ ۾ ڪرڪيٽ ڏسندڙن ڪمال جي نظم و ضبط ۽ جوش جو مظاهرو ڪيو، ڪرڪيٽ جي تماشبين جو قذافي اسٽيڊيم ۾ جوش ڏسڻ وٽان هو.
محسن نقوي چيو ته زنده دل لاهور جي ڪرڪيٽ سان محبت ڏسي هو متاثر ٿيو، تماشبين دل کولي ٻنهي ٽيمن کي داد ڏنو ۽ راند مان ڀرپور مزو ماڻيو، لاهور جي شهرين ثابت ڪري ڇڏيو ته ڪرڪيٽ جي راند سان دل اٿن.
چيئرمين پي سي بي چيو ته وزيراعظم کان ميڙ بابت اجازت وٺڻ ڏکيو هو، وزيراعظم چاهي پيو ته پيٽرول جو گهٽ کان گهٽ استعمال ٿيئي پر سندس پنهنجي دلچسپي به اجازت ڏيڻ ۾ هئي، پي ايس ايل 12 هن پي ايس ايل جي ڀيٽ ۾ وڏو ۽ سٺو ٿيندو.