تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ واقعن اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به سياسي بحران جو حل فوجي طاقت ذريعي ممڪن ناهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ سفارتڪاري ئي واحد رستو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ڪوششن جي ڪري ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. هن پاڪستان جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو.
عباس عراقچي آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو ته کيس اهڙن عنصرن کان محتاط رهڻ گهرجي جيڪي کيس ٻيهر ڪنهن وڏي تڪرار يا ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ چاهين ٿا.
هن اڻ سڌي طرح خطي جي ٻين ملڪن جو ذڪر ڪندي گڏيل عرب امارتن کي به محتاط رهڻ جي صلاح ڏني.
ايراني پرڏيهي وزير آمريڪي منصوبي ”پروجيڪٽ فريڊم“ تي تنقيد ڪندي چيو ته اهو منصوبو حقيقت ۾ مسئلي جي حل بدران رنڊڪ پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ ان کي ”پراجيڪٽ ڊيڊ لاڪ“ قرار ڏنو.