وزيراعظم پاران گڏيل عرب امارات تي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گذريل رات گڏيل عرب امارات ۾ ٿيل ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
وزيراعظم چيو ته يو اي اي ۾ ٿيندڙ ميزائل ۽ ڊرون حملن تي شيخ محمد بن زائد النهيان سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪريان ٿو. شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان هن ڏکي گهڙي ۾ يو اي اي جي حڪومت ۽ اماراتي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺو آهي.
هن چيو ته اهو انتهائي ضروري آهي ته جنگ بندي کي برقرار رکيو وڃي ۽ ان جو احترام ڪيو وڃي، خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين کي ضروري سفارتي گنجائش فراهم ڪرڻ گهرجي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن يو اي اي تي 3 ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا هئا.
ان حوالي سان اماراتي بچاءَ واري کاتي جو چوڻ هو ته ايران کان 12 بيلسٽڪ ميزائل، 3 ڪروز ميزائل ۽ 4 ڊرونز امارات تي فائر ڪيا ويا، يو اي اي جواب جو حق محفوظ رکي ٿو.
ايراني ميڊيا موجب، سيڪيورٽي ذريعن ايران مان امارات تي حملن جي ترديد ڪندي چيو ته حملي تي آمريڪا کي جوابده بڻايو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو واقعو آمريڪي فوجي مهم جوئي جي ڪري پيش آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.