ملڪ جو منظر نامو 20 ڊسمبر کان تبديل ٿي ويندو

لاهور (عوامي آواز نيوز)  ملڪ جو منظر نامو 20 ڊسمبر کان مڪمل طور تبديل ٿي ويندو، ان جا تفصيل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻڌايا ويندا.

  نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي توڙي نواز شريف کي چونڊن سان في الحال ڪابه دلچسپي نه آهي، نواز شريف  اڃان تائين  قانوني معاملن ۾ ڦاٿل آهي. جڏهن ته آصف علي زرداري اڳ ئي چئي چڪو آهي ته چونڊن کان وڌيڪ ملڪ جي معيشت بحال ٿيڻ ضروري آهي، اطلاع اهي آهن ته هڪ اهم شخصيت سان ڪجهه اهم شخصيتن ملاقات ڪئي آهي ۽ کيس بريفنگ ڏني آهي ته هن وقت ملڪ چونڊن جو وزن برداشت نٿو ڪري سگهي ملڪ جي سموري ماحول مان محسوس ٿي رهيو آهي ته چونڊون صرف چيف جسٽس چاهي ٿو.

ان پٺيان ڪهڙا مقصد ڪارفرما آهن، انهن بابت جلد تفصيل ٻڌائيندس. نواز شريف چاهي ٿو ته جن عمران وائرس پکيڙيو آهي اهي ئي  ان جو خاتمو ڪن ۽ ملڪ  جي معيشت 2013 ع واري نه تڏهن به ٿوري گهڻي فرق سان بهتر ڪئي وڃي. ان بعد چونڊون ڪرائي اقتدار ڏنو وڃي.

ان لاءِ هو انتظار ڪري رهيو آهي، آصف علي زرداري تڪڙ ان ڪري نٿو ڪري ته متان جلد بازي ۾ سنڌ حڪومت به کسجي وڃي ٿيڻو ڇا آهي اهو ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 30 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.