ميهڙ (رپورٽ : فراز چنا) ام رباب چانڊيو عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي جي عنوان ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي کي ساراهيندي چيو آهي ته عوامي آواز جو نعرو ساراهه جوڳو آهي، فخر آهي ته مان سنڌ ۾ پيدا ٿي آهيان . هن چيو ته جيڪڏهن ميرٽ ۽ انصاف نه هوندو ته ترقي ممڪن ناهي. ام رباب چيو ته سنڌ ۾ 25 سيڪڙو به ميرٽ ناهي رهي جنهن جو مثال ميڊيڪل ادارن جي داخلا ٽيسٽ آهي 2 ڀيرا ٽيسٽ باوجود ميرٽ نه پئي ٿئي. جيڪڏهن ميرٽ نه هوندي ته خوشحالي ڏانهن نٿا وڌي سگهون، ام رباب وڌيڪ چيو ته مان عوامي آواز جي نعري سان گڏ آهيان. جيستائين ڪرپٽ ڪامورا، سردار، ڀوتار ، جاگيردار هن نظام جو حصو هوندا، تيستائين سنڌ ۾ ميرٽ نه ٿيندي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته جيڪڏهن ميرٽ جي بحالي چاهيو ٿا ته سرداري جاگيرداري نظام کي ڪاپاري ڌڪ هڻڻو پوندو تڏهن سنڌ ۾ ميرٽ جي بحالي ٿيندي. ام رباب سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ڪندي چيو ته رڳو 3 ڊسمبر نه پر سمورو سال مستقل مزاجي سان سرداري نظام ۽ ڪرپٽ ڪامورن خلاف اٿي بيهي رهو تڏهن ميرٽ بحالي ٿيندي ۽ سنڌ ترقي ڪندي.
سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ وڌي رهي آهي: بخشل ٿلهو
حيدرآباد(رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھي عوامي آواز پاران سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو “ميرٽ جي بحالي، سنڌ جي خوشحالي” واري نعري ھيٺ ملھائڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي چيو تھ عوامي آواز شفافيت ۽ ميرٽ واري سوال کي اٿاري اھو ڏينھن ملھائي ٿي تھ تمام سٺي ڳالھه آھي. ھن چيو تھ طبقاتي سماج ۾ ميرٽ جو نظام نٿو ٿي سگھي، ھن نظام ۾ جيڪو ماڻھو ڪجهھ بھ نٿو ڪري اھو سڄو ڏينھن پورھيو ڪندڙ جي محنت تي پلجي ٿو. ھن چيو تھ جيڪي حڪومتون عوام کي جوابدھ ناھن ھونديون اھي ميرٽ ناھن ڪنديون، پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻھن آڏو پاڻ کي جوابدھ نٿي سمجھي. ھن چيو تھ اولهھ ۾ بھ سرمائيداري نظام آھي، پر اتي ٿوري گھڻي ميرٽ ۽ فلاح آھي، پر ھتي ڏينھون ڏينھن ميرٽ جي لتاڙ وڌندي پئي وڃي، تعليمي نظام ئي سڄو پوئتي پيل آھي، ميرٽ جي نالي تي ٺھندڙ ادارن ۾ ميرٽ جو قتلام ٿي رھيو آھي، نوڪريون سفارش ۽ رشوت تي ڏنيون وڃن ٿيون، سنڌ جو نوجوان مايوسي جو شڪار آھي.