ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ 9 ڪروڙن جي هيراڦيري، اينٽي ڪرپشن پاران ٻن آفيسرن کي نوٽيس

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ ) سنڌ سرڪار جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ ٻن آفيسرن پاران ساٿين ۽ ٺيڪيدارن سان ملي ڪري 9 ڪروڙ رپين جي سامان جي خريداري ۾ وڏي پئماني تي هيراڦيري ڪرڻ جو انڪشاف، اينٽي ڪرپشن کاتي آفيسرن کي  موسٽ ڪرپٽ آفيسر ڪوٺيندي ڪارڊ طلب ڪري ورتو، ذريعن وٽان هٿ ڪيل ڪاغذن ۽ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ سال 22/2021 ۽ سال 23/2022 دوران فرنيچر ، مشينري ۽ ٻين ايٽمن جي خريداري، ٽرانسپورٽ پلانٽ، يونيفارم ۽ ٻين مدن ۾ جاري ڪيل 9 ڪروڙ رپين جي بجيٽ ۾ وڏي پئماني تي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي آڊٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر قاسم علي راڄپر ۽ انسپيڪشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر راشد علي کوسي پروڪيورمينٽ جي عملدارن، ريزت ايسوسيئيٽ ۽ ٻين ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، ان حوالي سان شڪايتن تي ڪيل انڪوائري کي دٻايو ويو پر درخواستگذار جي بار بار لکت پڙهت کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اينٽي ڪرپشن ڪراچي ايسٽ جي عملدارن نوٽيس ورتو آهي، اينٽي ڪرپشن پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ آڊٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر قاسم علي راڄپر ۽ انسپيڪشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر راشد علي کوسي کي وڏو ڪرپٽ ڄاڻائي چيو آهي ته ڄاڻايل آفيسرن سرڪاري فنڊن کي غلط استعمال ڪيو آهي ۽ هنن پنهنجي اٿارٽي ۽ پاورن جو به غلط استعمال ڪيو آهي. ليٽر ۾ ڄاڻو ويو آهي ته 2021 کان 2023 دوران فرنيچر، مشنيري، ۽ ٻئي سامان جي خريداري سميت حڪومت پاران جاري ڪيل سمورن فنڊن جا تفصيل ڏنا وڃن، ان کانسواءِ کاتي جي هلندڙ ۽ بيٺل گاڏين جا تفصيل به ڏنا وڃن.

مون کي اينٽي ڪرپشن جو ڪو به نوٽيس ناهي مليو: قاسم راڄپر

ڪراچي : ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ ڊائريڪٽر فنانس جي عهدي تي موجود قاسم راڄپر جو چوڻ آهي ته کيس اينٽي ڪرپشن جو ڪو  به نوٽيس نه مليو آهي. هن چيو ته اينٽي ڪرپشن جيڪو ليٽر جاري ڪيو آهي ان ۾ کيس ايڊريس ئي نه ڪيو آهي، ڊي جي آفيس ۾ نه هو ڪم ڪري پيو ۽ نه ئي راشد کوسو اتي آهي.

اينٽي ڪرپشن وارا بليڪ ميلنگ پيا ڪن: راشد کوسو

ڪراچي: ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي آفيسر راشد کوسي اينٽي ڪرپشن اختيارين کي چئلنج ڪندي چيو  آهي ته هو نوٽيس جو ڪو به جواب نه ڏيندو، اينٽي ڪرپشن وارا رڳو بليڪ ميلنگ پيا ڪن، رابطو ڪرڻ تي راشد کوسي چيو ته ڪاليجن ۽ استادن جا معاملا سڌا ڪرڻ تي اسان خلاف درخواستون  ڏنيون ٿيون وڃن، اينٽي ڪرپشن وارا بليڪ ميلنگ پيا ڪن، ڪڏهن سائوٿ، ڪڏهن ايسٽ ۽ وري ويسٽ ڪراچي وارا به نوٽيس پيا موڪلين ڪنهن کي به جواب نه ڏيندس، جواب ڏيڻ لاءِ پابند نه آهيان، هن چيو ته فرنيچر جي خريداري واري ڪميٽي ۾ شامل نه هئس، نه سامان ورتو نه ڏنو، نه وري مون وٽ ڪو ڊي ڊي او جو پاور هو، ان ڪري خريداري واري اسڪينڊل سان سندس  ڪو به تعلق ئي نه آهي. هن چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن جي ريجنل آفيس وارن خريداري ڪئي انهن کان پڇيو وڃي، ان معاملي جي اينٽي ڪرپشن هيڊ ڪوارٽرن وارن به انڪوائري ڪئي هئي، نوٽيس ڏيندڙ پهرين پنهنجي هيڊ آفيس کان انڪوائري جي معاملي جي ڄاڻ وٺي وٺن.

پروڪيورمينٽ ڪميٽي جي ڪم کي ئي دٻايو ويو

ڪراچي: ذريعن موجب ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ سامان جي خريداري لاءِ  سيڪريٽري ڪاليجز جي سربراهي ۾ جڙيل پروڪيورمينٽ ڪميٽي جي ڪم کي ئي دٻايو ويو، ڪاليجن ۾ سامان نه ملڻ ۽ سياسي توڙي سماجي طور تي معاملو ميڊيا ۾ اچڻ بعد ڪاليجن ۾ سامان جي فراهمي ڪندڙ ڪميٽي جي سربراهه بابت ڪارروائي ٿيڻ بدران ننڍن آفيسرن خلاف ايڪشن کنيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.