ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر )سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسرن ۽ اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسرن جي چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ رشوت ۽ سياسي بنيادن تحت اميدوارن کي پاس ڪرڻ واري تڪراري معاملي تي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري اميدوارن کي آرڊر ڏيڻ کان انڪار ڪندي معاملو نگران وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏيو، ان حوالي سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن گريڊ 16 جي 117اسسٽنٽ اڪائونٽ آفيسر ۽ گريڊ 17 جي مڪاني کاتي ۾ 419 ميونسپل آفيسرن کي چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ پاس قرار ڏيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ميرٽ جي لتاڙ توڙي رشوت وٺي اهل نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ سياسي بنيادن تي ايم پي ايز توڙي بااثرن ماڻهن جي مائٽن کي کڻڻ جا الزام آهن ته ٻئي پاسي سنڌ پبلڪ سروس پاران مڪاني کاتي کي خط لکيو ويو ته پاس ٿيل 536 اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنو وڃي جڏهن ته مڪاني کاتي جي سيڪريٽري پبلڪ سروس ڪميشن جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيندي معاملي کي نگران وڏي وزير مقبول باقر ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته سنڌ پبلڪ ڪميشن جي درخواست تي پاس ٿيل اميدوارن بابت نگران سرڪار جيڪو حڪم ڪري ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ،ياد رهي ته ان معاملي بابت سوشل ميڊيا ۾ وڏو ٽرينڊ هليو هيو جنهن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميرٽ جي لتاڙ ڪندي بااثر ماڻهن جي مائٽن کي رشوت عيوض نوڪريون ڏيڻ جا الزام هنيا ويا آهن، متاثر نوجوانن پاران عدالتن ۾ پٽيشنون پڻ داخل ڪيون هيون.