حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن جي اڳواڻن ۽ ساڃاھھ وندن چيو آھي تھ ملڪ ۾ اڻ اعلانيل آمريت مڙھيل آھي، سمورا ادارا خاموش آھن، انساني حقن جي تنظيم آخري اميد آھي ھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ انساني حقن جي تنظيم ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان(ايڇ آر سي پي) پاران شھيد جان محمد مھر جي نانءُ ڪيل “سنڌ ۾ انساني حقن جي دفاع ڪندڙن جو تحفظ” جي عنوان ھيٺ ڪوٺايل ويھڪ ۾ ڳالھائيندي ڪيو. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ ڳالھائيندي چيو تھ عاصمه جھانگير صدين ۾ پيدا ٿيندي آھي، اسين عاصمھ جھانگير جي ان تحريڪ جو تسلسل آھيون ۽ سڀ گڏجي ان قافلي کي اڳتي وڌائينداسين، ايڇ آر سي پي کنڀي گم ڪيل ماڻھن جو مسئلو بھ کنيو آھي، ھن چيو تھ انساني چارٽر جي عالمي قانونن تي صحي ڪرڻ باوجود ملڪ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جاري آھي، قاضي خضر چيو تھ بالادست طبقي خلاف نظام جي تبديلي لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي، اسٽيبلشمينٽ آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھن چيو تھ سنڌ جي سامونڊي پٽي ۽ وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آھي، سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي ڳالھائڻ نٿو ڏنو وڃي، ماڻھن کي سنڌ ۾ بيگناھھ ماريو وڃي ٿو. ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر يوسف لغاري چيو مزدورن ۽ شاگردن جي يونين نه ھجڻ ڪري انساني حقن جي تحريڪ متاثر ٿي آھي، انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڌرين وچ ۾ رابطا ھجڻ گھرجن. ھن چيو تھ جاگيرداري ۽ سرداري سنڌ لاءِ ناسور بڻجي وئي آھي امياري صحافي ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح شھديد جان محمد جي قتل جي ڪيس بابت بريفنگ ٻڌايو ته شھيد جان جي بي رحماڻي قتل خلاف ملڪگير تحريڪ ھلي رھي آھي، سڄي ملڪ ۾ مارچ، مظاھرا ۽ بک ھڙتالن جو سلسلو جاري آھي، پر حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا قاتل گرفتار ناھن ڪري سگھيا، ھاڻ اسين سڀاڻي ملڪ ۾ ڪارو ڏينھن ۽ 10 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪنوينشن ۽ بعد ۾ سکر ۾ ڪنوينشن ڪنداسين، ٻيھر ڪراچي ۾ سي ايم ھائوس ڏانھن مارچ ڪري تاريخي ڌرڻو هڻنداسين. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري تاج جويو چيو تھ سنڌ ۾ جبري گمشدگيون ٿين ٿيون ۽ ھڪ ٻيو اھم مسئلو انتھاپسندي جو وڌڻ آھي، انساني حقن واري تنظيم ان معاملي تي اھم ڪردار ڪري سگھي ٿي. ھن چيو تھ ھڪ سردار ۽ ھڪ بااثر سياستدان کي گرفتار ڪيو وڃي ته جان محمد مھر جا قاتل ھڪ ڏينھن ۾ گرفتار ٿي ويندا. ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ سعيد بلوچ چيو تھ ڊويزن سطح تي ھيومن رائيٽس ڊفينڊرس جون ڪميٽيون تشڪيل ڏئي سمورن اسٽيڪ ھولڊرن کي گڏ کڻڻ گھرجي. خوشحال داس چيو تھ رياست کي ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل چيو تھ ميان مٺو نابالغ نياڻين جو ته مذھب مٽرائي ٿو، پر ڪنھن اڌڙوٽ عمر جي مرد يا ڇوڪري جو تھ مذھب نٿو مٽرايو وڃي، ھن سماج ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون محفوظ ناھن. حيدرآباد روشن خيال فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومري چيو تھ صحافي شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ شروع ڪيل تحريڪ جي حمايت ڪيون ٿا، سينيئر صحافي مھيش ڪمار چيو تھ منھنجو ڀاءُ نوتن گرفتار ٿيو، پر وڪيل به نه پئي مليو، ايڊووڪيٽ يوسف لغاري ڪيس کنيو ته ان کي به ڌمڪيون ڏنيون ويون، سماجي اڳواڻ ماروي اعواڻ چيو تھ جان محمد مھر کي گولي ڪنھن ھنئي ان قاتل جي ڳولا ڪجي، ٽرانس جينڊر جي نمائندي علي شاھھ چيو تھ ٽرانس جينڊرس کي ته سماج قبول ئي نٿو ڪري، پر ايڇ آر سي پي ۽ سماجي تنظيمن انھن کي نئين سوچ ۽ سڃاڻپ ڏني، ان موقعي تي انساني حقن جي اڳواڻن پروفيسر امداد چانڊيو، شھناز شيدي، راجا ڀيل، عرفان علي، وقاص زنئور، سليم جروار، ناديھ لاڙڪ، غفرانا آرائين، مصطفيٰ ميراڻي، شميم مري ۽ ٻين پڻ ڳالھھ ٻولھ ڪئي، ويھڪ کانپوءِ حيدرآباد پريس ڪلب ٻاھران شھيد جان محمد مھر جي تصوير آڏو گل رکي ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.