عمران جون آرمي چيف کان معافي وٺڻ لاءِ منٿون

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) بچاءَ کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي جو چوڻ آهي ته عمران خان پيغام موڪلي منٿون ڪري رهيو آهي ته فوج سان منهنجو صلح ڪرايو.

نامياري صحافي ساجد صديق جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) نعيم خالد جو بيان سوشل ميڊيا تي به هلي رهيو آهي،  جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته عمران خان غلطيون تسليم ڪري رهيو آهي ۽  چئي ٿو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم ۽ جنرل فيصل نصير کان معافي وٺڻ لاءِ تيار آهي.

جنرل (ر)  نعيم خالد جو چوڻ آهي ته عمران خان کي ڪير به معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ان ڪري ڪجهه نٿو ڪري سگهي، هو جيل مان مسلسل پيغام اماڻي رهيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 30 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.