اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم شين تي ڪنهن به قسم جي سبسڊي جاري نه ڪئي وڃي.
ذريعن موجب، مالي سال 27-2026 جي بجيٽ تيارين لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ شروعاتي ورچوئل مشاورت جاري آهي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته توانائي ۽ ٻارڻ جي اگهن ۾ وقت سر ايڊجسٽمينٽ ضروري آهي، جڏهن ته بجلي جي اگهن بابت ريگوليٽري ادارن جي تجويزن تي فوري عمل ڪيو وڃي.
عالمي اداري اهو به مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس جي ڇوٽ ۽ رعايتن کي گهٽ ۾ گهٽ رکيو وڃي.
ذريعن موجب،صلاح مشوري دوران ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ، سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ۾ لاٿ ۽ سرڪاري خرچن کي وڌيڪ گهٽائڻ جون تجويزون پڻ ڏنيون ويون آهن.
آءِ ايم ايف جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سيڪڙو واڌارو ڪيو وڃي.
هوڏانهن، معاشي سڌارن ۽ عالمي حالتن ۾ بهتري جي صورت ۾ ايندڙ مالي سال جي وچ واري مدت تائين ترقي جي شرح جو هدف 5.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.