اسرائيل فلسطين مسئلو: پائيدار امن ڪيئن ٿيندو؟

طفيل مگسي

جيڪڏھن فلسطين کي دنيا جي سڀ کان وڏي بدنصيب ملڪ سڏيو وڃي ته ان ۾ ڪو شڪ نه هوندو.ڇاڪاڻ ته گذريل صدي يعني ويهين صدي سڄي دنيا ۾ آزادي جي صدي هئي.اٽڪل سمورا ايشيائي ملڪ  ۽ افريقي ملڪ غلامي جا زنجير ٽوڙي آزادي ٿيا هئا.جڏھن ته انهن جي ڀيٽ ۾ 1949ع ۾ آزاد فلسطين کي وري غلام بڻايو ويو هو.اقوام.متحده جي ڇٽيءَ  جي هيٺ سڄي دنيا جي يهودين کي گڏ ڪري فلسطينين کي پنهنجي اباڻي ڌرتي کان بيدخل ڪري صيهوني رياست قائم ڪري رهيا هئا.۽ ويچارا فلسطيني پنهنجا گهرگهاٽ ڇڏي ڪري اردن.مصر.شام ۽ لبنان جهڙن پاڙيسري ملڪن ۾ پناهگير ڪيمپن ۾ پناه وٺي رهيا هئا.تڏھن کان هينئر تائين 75سال گذري ويا.پر فلسطينين جي آزادي واري جنگ جاري آھي.پر  افسوس صرف اهو آھي ته اهي جڏھن جڏھن جنگ وڙھن ٿا.

اسرائيل تڏھن تڏھن کان انهن جي بچيل سچيل زمين تي قبضو ڪري وٺي ٿو.جڏھن ته فلسطينين کي موت جو پيالو پي ڪري آزادي ته پري غلامي جي اونداهين ۾ وري زندگي گذارڻي پوي ٿي.پر آزادي جا پروانا فلسطيني وري به قرباني ڏئي ڪري هڪ ڀيرو وري پنهنجي آزادي جي جنگ ڇيڙي ڇڏين ٿا ۽ اهو سلسلو جاري آھي.هو هڪ ڀيرو وري فلسطينين جي جنگ آزادي ۾ مصروف آھي.اها جنگ اسرائيل جي سرحد غزه ۾ ٿي رهي آھي.فلسطيني تنظيم حماس جي قيادت ۾ وڙھي ويندڙ ان آزادي جي جنگ اسرائيل کي به ڇٺيءَ  جو کير ياد ڏياري ڇڏيو آھي.فلسطيني قوم ٻن ڏينهن جي اندر نه صرف اسرائيل جي اندر گهڙي ڪري درجنين يهودين جي وسندين کي نشانو بڻايو پر جهجهي انگ ۾ يهودي مردن.عورتن ۽ ٻارڙن کي قيدي بڻائي ڪري غزه ۾ آڻي ڪري قيد ڪري ڇڏيو.پر ويچاري حماس ايران ۽ لبنان جي تنظيم.حزب الله جي مدد سان فوج جو ڪيستائين مقابلو ڪري ها. هڪ پاسي اسرائيلي فوج جنهن کي امريڪا کان وٺي سڄي مغربي دنيا جي پٺڀرائي حاصل آھي.ٻئي پاسي کان جان بازن معمولي هٿيارن سان ڪيستائين مقابلو ڪن ها.هينئر صورتحال اها آھي ته حماس جي قبضي واري غزه پٽي چئني پاسي اسرائيل جي گهيري ۾ آھي.اسرائيل غزه جي اهڙي ناڪابندي ڪئي آھي ته هٿيار ته پري هن وقت اتي پاڻي ۽ کاڌو به نٿو پهچي سگهي.

سن 2012ع کان اسرائيل غزه جي پٽيءَ  جي ناڪابندي ڪري ڇڏي آھي.ڪجھه  سال اڳ به اسرائيلي فوج غزه پٽي ۾ پاڻي وخوراڪ رسائڻ تي پابندي وجهي ڇڏي هئي.پوءِ  غزه واري پٽي ۾ بک ۽ اڃ کان تڙپندڙ عورتن ۽ ٻارڙن جي کاڌي پيتي جون شيون تمام.ڏکيائي سان پهچايون ويون.صرف ايترو ئي نه بلڪ هر ايندڙ ڏينهن غزه پٽي جي ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ بم وسائي ڪري فلسطينين کي موت جي منهن ۾ ڌڪيو وڃي ٿو.حماس جي اسرائيل تي تازي حملي کان اڳ ۾ اهو سلسلو جاري هو.۽ فلسطيني مري رهيا هئا.پوءِ  به دنيا حماس کان سوال ڪري رهي آھي ته هن اسرائيل تي حملو ڇو ڪيو؟ڪو ان قسم جو سوال ڪرڻ واري کان پڇي ته ميان انهن حالتن ۾ حماس وٽ جنگ کانسواءِ  ڪو ٻيو رستو به هو؟

غزه پٽي جي سڄي فلسطيني آبادي پاڻي ۽ خوراڪ جي لاءِ  تڙپندي رهجي ويندي.غزه پٽي جون نه ڄاڻ ڪيتريون ئي عمارتون زمين ۾ دٻجي ويون.امريڪا جي قيادت دنيا جي لعنت ملامت کان بچڻ جي لاءِ  ٻيو ريزوليوشين پاس ڪري ڇڏيندي.عرب ۽ ٻيا ملڪ فلسطينين جي حق ۾ فضول ڄاڙي هڻندا رهندا.جنگ بند ٿيڻ جي ٿوري عرصي کانپوءِ  حماس جي لاءِ  همدردي جا لفظ به ختم ٿي ويندا ۽ اهوئي سڀ ڪجھه ه ٿيندو.جيڪو فلسطينين سان ٿيندو رهيو آھي.ته ڇا سمجهيو وڃي ته فلسطينين جو رت بيگناهه لڙھي ويندو.؛ ڪڏھن به نه .ها جنگ کي شروع ڪرڻ کان اڳ حماس جو مقصد اهو هئو ته دنيا کي هڪ ڀيرو وري ياد ڏياريو وڃي ته فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ بنا دنيا ۾ امن قائم نٿو رهي سگهي .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.