اسلام آباد (م ڊ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جو ٽرائل جيل ۾ ئي ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. خاص عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين اسلام آباد جڊيشل ڪامپلڪيس ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم باوجود عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان جڊيشل ڪامپليڪس ۾ پيش نه ڪيو ويو. جيل اختيارين عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ٻنهي جوابدارن کي پيش نٿا ڪري سگهون، اسلام آباد پوليس کي واڌو سيڪيورٽي لاءِ خط لکيو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين کي سنجيده نوعيت جا سيڪيورٽي خدشا آهن. عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر ايڊووڪيٽ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ڪرڻ جيل اختيارين جي ذميواري آهي، اسان زندگي داءَ تي لڳائي عدالت ۾ پيش ٿيندا رهيا آهيون، ڇا پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ محفوظ ناهي يا رستي ۾ ڪو خطرو آهي ته ٻڌايو؟ جڊيشل ڪامپليڪس کي مڪمل طور بند ڪري به آڻي سگهجي ٿو، هن عدالت ۾ ڪنهن کان خطرو آهي؟ توهان جي ڳالهه نٿا مڃون يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڳالهه نٿا مڃون ته ڇا اسان سپريم ڪورٽ وڃون؟ شاهه محمود قريشي جي وڪيل علي بخاري ايڊووڪيٽ چيو ته هي اوپن ٽرائل آهي، جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي، جيڪڏهن عدالتي حڪم نٿا مڃيا وڃن ته سرڪاري ملازم کي جيل ۾ موڪلڻ جو اختيار توهان وٽ آهي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر اوپن ٽرائل جي مخالفت ڪندي چيو ته سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي جيل ۾ ٽرائل ڪري سگهجي ٿو.يل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سيڪيورٽي خدشن سبب پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ۾ ئي ٽرائل ٿيندو، ميڊيا کي به جيل ٽرائل ڪور ڪرڻ جي اجازت هوندي، جيڪو به ٽرائل ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو ته ان کي به اجازت هوندي. عدالت هدايت ڪئي ته سائفر ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي جمعي تي ٿيندي، عوام ۽ ميڊيا کي ايندڙ ٻڌڻي دوران جيل ۾ موجودگي جي اجازت هوندي، جيل اختياريون انهن سڀني کي سهولتون فراهم ڪنديون، جيڪي ٻڌڻي ۾ اچڻ چاهين ٿا.