اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته مسئلو اهو آهي ته شهباز شريف قوم جو اهڙو ليڊر ناهي جيڪو ڏکيا فيصلا ڪري سگهي ۽ جنهن تي عوام کي اعتماد به هجي۔هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته: “شهباز شريف وري چئي رهيو آهي ته دل تي پٿر رکي ڏکيا فيصلا ڪيا آهن. ڇا هن ماڻهو کان ڪو اهو پٿر وٺي نٿو سگهي؟ جڏهن هو دل تي پٿر رکي ٿو ته عوام جي تباهي ٿيندي آهي. هن چيو ته شهباز شريف 72 هزار فلسطيني ماڻهن جي قاتل نيتن ياهو سان گڏ ويٺو، جنهن 8 ملڪن تي حملا ڪرايا، ان کي ته نوبل انعام لاءِ نامزد به ڪيو ويو آهي،اسد عمر چيو ته حڪومت اربين رپيا آئل ڪمپنين جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا آهن. پيٽرول جي قيمت ۾ 55 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو، جيڪو اڳ ئي مهانگائي کان متاثر عوام لاءِ وڏو بار آهي. هن چيو ته اهو اضافو عالمي منڊي ۾ قيمت وڌڻ سبب نه پر عوام کان وڌيڪ ٽيڪس وٺڻ سبب ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ليوي 105 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي. جڏهن عوام تي معاشي ڏکيائي اچي ٿي ته انهن تي ٽيڪس وڌائڻ بدران گهٽايو ويندو آهي، پر جيڪڏهن توهان عوام جي ووٽن سان حڪومت ۾ نه آيا هجو ته پوءِ عوام جي فڪر ڪيئن ٿيندي؟ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ “بااختيار عوام” جي نالي سان مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قومي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ “بااختيار عوام” جي طرفان “هڪ ترميم عوام لاءِ” جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو.سيمينار کي خطاب ڪندي اڳوڻي اسد عمر چيو ته اسان جو خيال آهي ته پاڪستان صرف ۽ صرف جمهوريت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو. جڏهن تائين سياسي جماعتون هڪ ٻئي سان وڙهنديون رهنديون، تيستائين جمهوريت صحيح نموني نه هلي سگهندي،هن چيو ته پاڪستان کي نئين ميثاقِ جمهوريت جي ضرورت آهي، ڇو ته ملڪ جي بنيادي آئيني ڍانچي ۾ ڪمزوري موجود آهي. اسان 1935ع جي انڊيا ايڪٽ جي بنياد تي آئين ٺاهيندا پيا اچون 18هين ترميم سٺي آهي پر ڪافي ناهي. پاڪستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي، جڏهن ته مقامي حڪومتن بابت آئين ۾ صرف هڪ ئي شق 140-A موجود آهي۔هن وڌيڪ چيو ته مرتضيٰ وهاب بدران وزيراعليٰ وٽ وسيلا ۽ اختيار آهن. موجوده ماحول اهڙو بڻجي رهيو آهي جو ملڪ جي آئيني ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي رهي آهي
-
سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي ايڪٽ خلاف درخواست، فائل گم!
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي ايڪٽ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيس فائل نه ملي سگهي، وقت ڏنو وڃي، عدالت چيو ته ان جو ڇا مطلب آهي ته ڪيس فائل غائب آهي؟ سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيس 3 سالن کان پوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن وقت ڏنووڃي، ته ڪيس فائل سان گڏ جواب جمع ڪرايو ويندو، جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته 2021 ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي، ڪيترائي شعبا شهري حڪومت کان صوبائي حڪومت کي منتقل ڪيا ويا، اڃا تائين ڪا به نئين ترميم نه ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي درخواستن تي ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.