ميڊرڊ (م ڊ) اسپين اسرائيل مان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو، جنهن جي تصديق سرڪاري گزٽ ۾ ڪئي وئي، پرڏيهيخابرو اداري موجب اسپين جي پرڏيهي وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته تل ابيب ۾ موجود اسپين جو سفارتخانو هاڻي ناظم الامور جي سربراهي هيٺ ڪم ڪندو، اسپين ۽ اسرائيل وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 1986ع ۾ قائم ٿيا هئا پر ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ گهڻو وقت کان ڇڪتاڻ موجود رهي آهي، اسپين غزا جنگ سميت ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي به سخت مخالفت ڪندو رهيو آهي، گذريل ڏينهن اسپين جي پرڏيهي وزير چيو هو ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جي مخالفت سبب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي واپاري پابندين جي ڌمڪين باوجود اسپين ۽ آمريڪا جا لاڳاپا معمول موجب هلي رهيا آهن.