نوابشاهه (عوامي آواز رپورٽ) نوابشاهه يونيورسٽي جي فائنل يئر جي شاگرد جو هاسٽل جي ڪمري مان ڦاهو لڳل لاش مليو، قائد عوام يونيورسٽي جي شاگرد نادر چنا جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، شاگرد جي چاچي الله بخش چنا جو چوڻ آهي ته نادر ميٿاميٽڪس ڊپارٽمينٽ جو فائنل ايئر شاگرد هو، هُن سان ڪو به مسئلو نه هو، شاگرد جي ڪلاس ميٽ توقير ناگيرو جو چوڻ هو ته نادر روزا رکندو هو، اڄ هُن روزو به نه رکيو، ڪلاس به اٽينڊ ڪرڻ لاءِ نه هليو، نادر پاران فون اٽينڊ نه ڪرڻ تي وارثن پاران اسان سان رابطو ڪيو ويو،هاسٽل پهتاسين ته هُن جو لاش مليو، جڏهن ته شاگرد جو لاش پوسٽ مارٽم شاهپور جهانيان ڀرسان اباڻي ڳوٺ ننگر مڪان نيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته شاگرد جو هاسٽل مان لاش مليو، هُن جي دوستن ۽ چاچي جا بيان ورتا آهن، معاملي جي شفاف جاچ ڪيون پيا، جيڪا به اڳڀرائي ٿيندي ته ان بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته شاگرد جو فيس جو مسئلو نه هو، هن کي دوست بچائڻ پهتا پر هُو آپگهات ڪري چڪو هو هن جي حياتي نه بچائي سگهياسين، اسان ڪڏهن ته شاگردن مٿان فيس بابت دٻاءُ ناهي وڌو، معاملي جي جاچ ڪيون پيا.