ڪوهستان(م ڊ) ڪوهستان جي ڪولهي پلس ۾ تصوير وائرل ٿيڻ بعد نينگري جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن ۾ مقتوله جو چاچو، سئوٽ۽ هڪ مائٽ شامل آهن. گرفتار جوابدارن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندوٻئي طرف پوليس تصوير ۾ موجود نوجوان کي به حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي سينيٽر شيري رحمان ڪوهستان ۾ غيرت جي نالي تي ڇوڪري جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو ته قتل ۾ ملوث ڇوڪري جي وارثن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جرڳي جا سمورا ماڻهو شريڪ جوابدار آهن.