ڪراچي (رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر سستو ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ موجب ڊالر 12 پئسا سستو ٿي 285 رپيا 52 پئسن تي بند ٿيو، ان کان اڳ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 285 رپيا 64 پئسا هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 287 رپين تي برقرار آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ملڪي تاريخ جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ انڊيڪس بلند ترين سطح تي پهچي ويو. اڱاري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي هاڪاري شروعات ٿي ۽ انڊيڪس ۾ تيزي ڏٺي وئي. ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح 60 هزار 845 تي پهچي ويو، ڪاروبار جي پڄاڻي 918 پوائنٽس واڌ سان رڪارڊ 60 هزار 730 تي ٿي.