ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب گلستان جوهر جي علائقي راشد منهاس روڊ تي شاپنگ مال ۾ باهه واقعي جي حوالي سان چيو آهي ته متاثر عورت کي ڪنٽونمنٽ بورڊ فيصل ريگيولرائز ڪيو ته باهه وسائڻ به انهن کي اچڻ گهرجي ها، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته جنهن عمارت ۾ باهه لڳي اها عمارت بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي نه هئي، نقشو انهن منظور نه ڪيو هو، ڪنٽونمنٽ بورڊ فيصل ڪيو هو ان کي ريگيولرائز ڪنٽونمڻٽ بورڊ فيصل ڪيو هو ته باهه وسائڻ جي لاءِ به ان جي ٽيم کي اچڻ جي ضرورت هئي پر اهي نه آيا، پر خبر ناهي ته ان تي نٿو ڳالهايو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن باهه لڳندڙ عمارت ۾ اسپرنڪلز لڳل هجن ها ته شايد باهه کي روڪي سگهجي پيو، جيڪڏهن عمارت ۾ نڪرڻ جو محفوظ هنڌ هجي ها جيڪو نقشي ۾ موجود هو، پر حقيقت ۾ نه هو، ته ماڻهو وقت تي ٻاهر نڪري سگهن ها يا ريسڪيو وارن کي ڪم ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ها، شهر جي اندر ڪيترائي اختيارن جا دائره آهن، شهر ۾ قانون لاڳو ڪرڻ جي سڀ کان وڏي پريشاني آهي ۽ اختيارن جا دائره وڌيڪ هجڻ جو ڪو نه ڪو حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي، نه ته اهڙا معاملا ايئن حل نٿا ٿي سگهن، ادارن کي ري ايڪٽو نه پرو ايڪٽو هجڻ گهرجي، اسان کي غلطين مان سکڻ گهرجي، هن چيو ته مون کي ٻڌايو ويو ته باهه وسائڻ واري عملي کي شاباس ڏيڻ بدران ايس پي صاحب ان سان بدتميزي ڪئي، ڊي سي صاحب جو رويو به انهن سان خوشگوار نه هو، بعد ۾ باهه وسائڻ واري عملي خلاف ايف آءِ آرز به ڪاٽي وئي.