اسلام آباد (م ڊ) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي تجديد جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ جي ڊسٽري بيوشن لائسنس جي تجديد جي لاءِ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ نيپرا عملدارن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو 20 سالن جو لائسنس ختم ٿي چڪو آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي ڊسٽري بيوشن جو 6 مهينن جو عبوري لائسنس ڏنو ويو هو، عبوري لائسنس به جنوري ۾ ختم ٿي ويندو، نيپرا عملدارن ٻڌايو ته اسٽيڪ هولڊرز کان ڪي اليڪٽرڪ لائسنس تجديد تي تجوپيزون طلب ڪيون هيون، اڪثريت ڪي اليڪٽرڪ ڊسٽري بيوشن لائسنس جي تجديد خلاف آهي، ڪي اليڪٽرڪ عملدارن ٻڌايو ته 20 سالن ۾ نجڪاري بعد 474 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٿي چڪي، هي رقم بجلي تقسيم ترسيل ۽ ٻين شعبن ۾ لڳائي وئي، جماعت اسلامي ڪراچي جي اڳواڻ عمران شاهد ٻڌڻي دوران چيو ته اٿارٽي ڪي اليڪٽرڪ جو ساٿ نه ڏئي، ڪي اليڪٽرڪ بدترين لوڊشيڊنگ ڪري ٿي، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي وڌيڪ نوازڻ بند ڪري.