ڪراچي/ سکر (رپورٽر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي تجويز ڪيل قومي حڪومت جو مطلب جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ ٻاهران آيل ٽيڪنوڪريٽس کي قوم مٿان مسلط ڪرڻ آهي، ساڳيو گروهه ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عوام جو رت چوسي رهيو آهي، قومي حڪومت جو آئين ۾ ڪٿي به ذڪر ڪونهي، قوم 16 مهينا 13 جماعتن جي گڏيل حڪومت ڏسي ڇڏي جيڪي چئي رهيا آهن ته “ ملڪ ابو بچائيندو” عوام کي ٻڌائن ته پهريان ڪير اقتدار ۾ هو؟ ڪراچي کي تباه ڪيو ويو، پ پ، ن ليگ غزا جي مظلوم عوام لاءِ هڪ ريلي يا جلسو به ڪونه ڪيو، آمريڪي سامراج کان خوفزده حڪمران طبقو چوي ٿو ته فلسطين انهن جو اشو آهي ئي ڪونه، عوام ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان جڏهن ته حڪمران طبقي جي بينڪ بيلنس ۽ شگر ملز ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ ڪلچرل سينٽر سکر ۾ جماعت اسلامي سنڌ پاران رٿيل انتخابي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. سراج الحق وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جماعت اسلامي جا اُميدوار اهو نه ڏسن ته سندن مقابلي ۾ ڪيڏو وڏو جاگيردار بيٺل آهي، اوهان اسلام، پاڪستان جا سفير ۽ عوامي خدمت جا مثال آهيو، هن چيو ته پاڪستان ظالم جاگيردارن، لينڊ ۽ ڊرگ مافيا لاءِ ڪونه ٺهيو هو ڪنوينشن کي لياقت بلوچ، مولانا اسدالله ڀٽو، ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، محمد حسين محنتي، ممتاز حسين سهتو، ڪاشف سعيد شيخ خطاب ڪيو.