ڌاڙو اسڪينڊل: ڊي ايس پي جاچ پوليس خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) ڌاڙي اسڪينڊل ۾ گرفتار ڊي ايس پي جاچ پوليس خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، ڪراچي ۾ واپاريءَ جي گهر  مان ڦرلٽ جي الزام هيٺ گرفتار اڳوڻي ڊي ايس پي عمير باجاري جاچ پوليس خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، ايڊووڪيٽ عامر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته واپاري محمد شاڪر جي گهر اندر ڦرلٽ ۾ ڪراچي ويسٽ پوليس سڌي سنئين ملوث آهي، وڪيل موجب اها ئي پوليس هن واقعي جي جاچ ڪيئن ٿي ڪري سگهي، ڊي ايس پي درخواست ۾ ڪنهن ٻئي ضلعي جي ناليوارن آفيسرن کان جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي آءِ جي ويسٽ ۽ ٻين آفيسرز کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي، عدالت طرفان درخواست جي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.