حيدرآباد (پ ر) روينيو کاتي جي ملي ڀڳت سان سنڌ جي تاريخي ورثي ڀنڀور تي قبضا ڪرڻ جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ ۽ ايڊووڪيٽ مير پرويز دائودپوٽي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته روينيو کاتو مڪمل طور تي قبضاگيرن جي حوالي آهي، روينيو کاتي جي ڪرپشن ۽ بدعنوانين جي جاچ لاءِ اعليٰ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي زمينن کي ڦر جو مال سمجهي وڪرو ڪيو پيو وڃي، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد سميت مختلف قبضاگيرن کي سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڏئي سنڌين کان ڌرتي کسي پئي وڃي، بحريا ٽائون ۽ سنڌ حڪومت جي ملي ڀڳت سان سنڌ جي زمينن تي قبضن جو اسڪينڊل عدالت اڳيان پڪڙجي پيو، ان باوجود ملڪ رياض ۽ سنڌ جي حڪمرانن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بدران ڪورٽ ۾ ڏيتي ليتي ذريعي ملڪ رياض جهڙي قبضاگير کي رليف ڏنو ويو.