ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمرسيال جي سنگل بينچ ۾ عدالت جي حڪم باوجود تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاري واري ڪيس ۾ حليم عادل شيخ جي پٽ جي آءِ جي سنڌ جي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ سرڪاري وڪيل چيو ته اسان آءِ جي سنڌ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي جواب جمع ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت آءِ جي سنڌ خلاف توهين عدالت جي لفظ جي استعمال ڪرڻ تي سرڪاري وڪيل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته اسان پوليس جي عزت ڪرڻ چاهيون ٿا پر اوهان نٿا ڪرڻ چاهيو، جسٽس عمرسيال چيو ته شايد آئون آخري جج هوندس جيڪو آءِ جي سنڌ کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندو، عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن کي حاضري کان ڇوٽ ڏيندي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.