ڪراچي(رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف ڪراچي جي نگراني ۾ 16 هين عالمي اردو ڪانفرنس 2023 سڀاڻي 30 نومبر کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ ڀارت کان گلزار ۽ جاويد صديقي سميت 200 کان وڌيڪ اديب شريڪ ٿيندا، ڪانفرنس جو افتتاح نگران وڏو وزير مقبول باقرڪندو، اهڙو اظهار ڪالهه آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه شاعر افتخار عارف، غازي صلاح الدين، نورالهديٰ شاهه ۽ ٻين آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، محمداحمد شاهه وڌيڪ چيو ته ڀارت مان اديب آن لائين شريڪ ٿيندا، عالمي اردو ڪانفرنس هڪ روايت آهي، ان کانپوءِ گهڻا فيسٽيول شروع ٿيا آهن، هن چيو ته سوچيو آهي ته اردو ڪانفرنس ۾ سنڌي، پشتو، بلوچي، سرائيڪي سميت ٻين زبانن ۾ به سيشنز ٿين، نفرت گهڻي ٿي چڪي آهي، ڪو به نٿو چاهي ته ادب عام ڪيو ويو وڃي، اسان کي گهرجي ته نوجوانن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏيون، ان موقعي تي افتخار عارف، نور الهديٰ شاهه ۽ غازي صلاح الدين چيو ته ادب ذريعي ئي انسان ۾ شعور اچي ٿو، ادبي فيسٽيول ذريعي اسان مستقبل جي سفر جا رستاکولي رهيا آهيون، هي فيسٽيول سمورن فيسٽيولز جي ماءُ جو درجو رکي ٿو، پاڪستان جي بقا لاءِ ضروري آهي ته نوجوانن کي ادب سان سلهاڙيل رکيو وڃي.