هڱورجا (رپورٽ: قاصد الله آرائين) هڱورجا ڀرسان زرعي زمين جي معاملي تان ڏھر ۽ مڱڻيجا برادري جي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ 15 ورهين جي نينگري عابده مڱڻيجو گولي لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پئي جنھن کي ھڱورجا اسپتال بعد ۾ گمس نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سگھندي فوت ٿي وئي، مقتول نينگري جي وارثن ۽ مڱڻيجا برادري جي ماڻھن ھڱورجا قومي شاھراھ تي لاش رکي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن رانجھن مڱڻيجو، سائت علي مڱڻيجو ۽ ٻين چيو ته اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي اسان جي نياڻي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي، قاتلن کي با اثرن جي پٺڀرائي حاصل آھي، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪري نجم الدين ڏهر، قربان علي جوڻيجو سميت چار ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته نينگري جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.