حيدرآباد ( رپورٽر ) سنڌ جي پاڻيءَ جو قومي ڪيس وڙهندڙ آبپاشي ماھر ۽ دانشور اي اين جي عباسي ڪالھ اسلام آباد ۾ سنڌ واسين کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو، ھو سڄي ڄمار ھر فورم تي سنڌ سان ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف لکندو ۽ ڳالھائيندو رھيو جڏھن جرنل پرويز مشرف جي حڪومت وارن ڏينھن ۾ تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي رٿا ٺاھڻ لاءِ سرڪار جي حق ۾ ماحول ٺاھڻ جي سرڪاري مھم ھلي ته ھن انگن اکرن سان ان رٿا کي رد ڪيو ۽ سنڌ جي قومي شعور جي پاسي ٿي بيٺو ، صدر جرنل پرويز مشرف سنڌ جي عوامي مزاحمت کان مجبور ٿي جڏھن پاڻي جي مسئلي تي فني ڪميٽي جوڙي ته ھن انگن اکرن سان ان رٿا کي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي واري رٿا ثابت ڪري رپورٽ پڌري ڪئي اي اين جي عباسي نه رڳو ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا پر ڪالا باغ ڊيم خلاف سندس رپورٽ پڌري ٿي ۽ ڇپي سنڌ ۾ سندس وڇوڙي تي سوڳ واري لھر ڇانيل آھي .
اي اين جي عباسي سنڌ جو ڪيس هميشه فني دليلن سان وڙهيو:قادر مگسي
حيدر آباد(پ ر)سنڌسنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاڻي جي ماهر اي اين جي عباسي جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪندي پوئينرن سان تعزيت ڪندي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته اي اين جي عباسي هڪ آبپاشي جو ماهر هو هن سنڌ جو پاڻي جو ڪيس هميشه فني دليلن سان وڙهيو. مشرف جي دور ۾ بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ جي هن سنڌ جي ڪيس کي نه صرف دليلن سان رکيو پر ڪالاباغ ڊيم جي رٿا کي غلط ۽ سنڌ دشمني قرار ڏنو. سنڌ کيس هميشه ياد رکندي. هن چيو اسان دعاگو آهيون رب پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ سندس پوئنرن کي صبر عطا ڪري.
-
اي اين جي عباسي سنڌ جو پاڻي ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو: سسئي پليجو
ڪراچي(پ ر)پاڻي ماھر اي اين جي عباسي جي وڇوڙي تي پ پ اڳواڻ سينيٽر سسئي پليجو ڏک جو اظھار ڪيو آهي. سسئي پليجو چيو آهي ته اي اين جي عباسي پاڻي جي اھم موضوع تي مھارت رکندڙ ھو ۽ ھن ڀرپور انداز ۾ سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙھيو. سسئي پليجو موجب اي اين جي عباسي ڪالا باغ ڊيم خلاف ٽيڪنيڪل ۽ برجستا دليل ڏئي مشرف جھڙي ڊڪٽيٽر کي به پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو.سسئي پليجو چيو ته سنڌ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رھي آھي، اي اين جي عباسي سنڌ جي ماڻهن کي پاڻي جي ڏڪار کان بچائڻ لاءِ سدائين آواز اٿاريو.