پمز اسپتال ۾ باهه وسائڻ ۽ ماڻهن جي تحفظ لاءِ انتظام اڻپورا هئا: فائربرگيٽ رپورٽ ۾ انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب نون ڄاول ٻارن جي فوتگين واري واقعي بابت سي ڊي اي جي فائر برگيڊ کاتي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پمز ۾ باهه کان بچاءَ ۽ انساني جانين جي تحفظ جا انتظام ناڪافي هئا.

رپورٽ ۾ باهه وسائڻ واري آپريشن دوران پيش آيل رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته پمز ۾ باهه کان بچاءَ جا انتظام مقرر معيارن موجب نه هئا. هنگامي حالت ۾ ٻاهر نڪرڻ جا رستا ٻاهران مستقل طور بند هئا، جڏهن ته انهن رستن ۾ رڪاوٽون پڻ موجود هيون.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پمز جي سيڪيورٽي عملي فائر برگيڊ عملي جي شروعاتي ڪارروائي ۾ رڪاوٽ وڌي. واقعي واري هنڌ ماڻهن جي هجوم کي اثرائتي نموني سنڀالڻ جا انتظام پڻ ناڪافي هئا.

رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته فائر برگيڊ جي پهرين گاڏي 6 منٽن اندر پمز اسپتال پهچي وئي هئي.

ان کان اڳ ريسڪيو ذريعن ٻڌايو هو ته پمز اسپتال جي فائر پوائنٽ تي پاڻي موجود نه هو، فائر هوز ۾ ڪپلنگز به موجود نه هئا، جڏهن ته هنگامي حالت ۾ ٻاهر نڪرڻ وارن رستن تي تالا لڳل هئا.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثي وقت انڪيوبِيشن سينٽر ۾ ڊاڪٽر، وارڊ بواءِ يا ڪو ٻيو عملو موجود ئي نه هو.

واضح رهي ته اربع جي صبح اسلام آباد جي پمز اسپتال جي گائني وارڊ جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب 15 نون ڄاول ٻار سڙي فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن موجب پمز اسپتال جي نرسري ۾ صبح 6 لڳي 45 منٽن تي ايئر ڪنڊيشنر جو ڪمپريسر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي، جنهن تي ضابطو آندو ويو، جڏهن ته ٿڌو ڪرڻ جو عمل جاري آهي.

اسپتال اختيارين موجب باهه لڳڻ وقت نرسري ۾ 15 ٻار موجود هئا. ليڊي ڊاڪٽر صرف هڪ ٻار کي بچائي سگهي، جڏهن ته 14 ٻار فوت ٿي ويا.

انتظاميا موجب واقعي جي جاچ لاءِ ايڊيشينل ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ 8 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪندي.

You might also like