فائر ٽينڪن ۾ پاڻي نه هو، دَر به بند هئا! پيپلزپارٽي صحت واري وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پاڪستان پيپلز پارٽي پمز سانحي تي وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پمز اسپتال سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 14 نون ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ انساني تاريخ جو بدترين سانحو آهي. جن ٻارن جي اميدن جا ڏيئا روشن ٿيڻ کان اڳ ئي وسائي ڇڏيا ويا، انهن جا بي وس پيءُ انصاف گهري رهيا آهن. مائرون پنهنجا ٻار 9 مهينا پيٽ ۾ ان لاءِ نه ٿيون پالين ته اهي ڪنهن جي لاپرواهي جو شڪار ٿين.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان پمز اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فائر ٽينڪن ۾ پاڻي موجود نه هو، ڊاڪٽر موجود نه هئا ۽ دروازا بند هئا. اسان هتي سياست ڪرڻ نه آيا آهيون، پر واقعي بابت سوال ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. ذميوار وزير کي پاڻ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

نيئر بخاري چيو ته صرف هڪ سيڪريٽري کي عهدي تان هٽائڻ ڪافي ناهي. وفاقي صحت واري وزارت کان ٻه اسپتال به سنڀالي نه سگهيا، ته پوءِ سڄي ملڪ جا اسپتال ڪيئن سنڀاليندا؟ صحت واري وزارت کي جوابده بڻائڻ گهرجي ته اهو واقعو ڇو پيش آيو. وزارت کي ڏسڻ گهرجي ها ته پمز جي انتظاميا ڇا ڪري رهي آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديا جاويد چيو ته پمز اسپتال ۾ 14 معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ کي رڳو حادثو قرار نٿو ڏئي سگهجي، اهو وفاقي صحت جي نظام جي سنگين ناڪامي ۽ انتظامي لاپرواهي جو معاملو آهي. وفاقي صحت واري وزير کي هن ناڪامي جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي.

You might also like