تنگواڻي (رپورٽ: مهتاب ملڪ) تنگواڻي ڀرسان خوني قبيلائي تڪرار ۾ ھڪ ئي خاندان جا چار ڄڻا قتل ٿي ويا، ڳوٺ نصرالله خان بجاراڻي ڀرسان قبيلائي تڪرار چار انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، جمال پوليس ٿاڻي جي حد ۾ چولياڻي برادري جي هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار گاڏهي برادري جي 4 ڄڻن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، موقعي تي ئي نواب گاڏهي، رحيم بخش گاڏهي، حفيظ الله ۽ راڻو گاڏهي موقعي تي قتل ٿي ويا، مقتولن جا لاش ڪرمپور اسپتال منتقل ڪيا ويا، لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا قتل ٿيل چارئي پاڻ ۾ سئوٽ آهن جن جا لاش ڳوٺ گل محمد گاڏھي ۾ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو وارثن ۾ روڄ لاڙو مچي ويو، پوليس جو چوڻ هو ته ڳوٺ قسم شاهه وٽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي جيڪي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا، ڌرين جو زمين جي تڪرار تان جهيڙو هلندڙ آهي، جهيڙي ۾ اڳ به 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، چار ڳڀرو جوانن جي قتل سبب علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو، سڄاڻ ڌرين پاران قبيلائي جهيڙن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو،خوني جهيڙي ۾ هڪ ئي برادري جي 4 ڄڻن جي قتل سبب ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو ڌريون مورچا بند ٿي ويون، مقتولن جا ھٿيار، موٽر سائيڪلون ،سامان، موبائيلون به جوابدار ڌر کڻي وئي، علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙيل آهي.