ڪراچي ( م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران انٽرويو دوران بلاول بابت ڏنل بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا توڙي سياسي حلقن ۾ پيءُ پٽ وچ ۾ سياسي پاليسين تي اختلافن جا افواهه هلي رهيا آهن. جنهن جي پيپلز پارٽي اڳواڻن پاران ترديد ڪئي وئي آهي. ميڊيا تي اخلافن بابت خبرن کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف رزداري جي وڏي نياڻي بختاور پاران سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر ۽ بختاور نظر اچي رهيا آهن. پختاور ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته خبرن تي يقين نه ڪيو، پهرين ترجيح ڪٽنب آهي. ڪپيشن ۾ تصوير ڪڍڻ جو ڪريڊٽ آصفه ڀٽو کي ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته آصف زرداري جي انٽرويو کانپوءِ بلاول دبئي روانو ٿيو هو جنهن کانپوءِ آصف زرداري به دبئي پهتو.