ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن انيس منصوري ۽ علي / سرور کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، سنڌ جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽشنرز ڪميشن جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ڪميشن جي چيئرمين رٽائرڊ رشيد اي رضوي جي صدارت ۾ ٿيو، ڪراچي جي ٻن صحافين انيس منصوري ۽ علي سرور جي گهر تي ڇاپن ۽ انهن کي گم ڪرڻ تي ڪراچي يونين آف جرنلسٽس ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي درخواست تي هڪ نڪاطي ايجنڊا تي طلب ڪيو ويو هو، اجلاس ۾ ڪميشن جي ميمبر، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر فهيم صديقي، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خان ۽ سي پي اين اي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ انيس منصوري ۽ علي سرور جي گهرن تي ڇاپن انهن کي گم ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪئي وئي، رشيد اي رضوي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انيس منصوري ۽ علي سرور ڪنهن ڪيس ۾ گهربل نه آهن، ان جي لاءِ واضح طور تي اغوا جو واقعو آهي، هي رياست جي ذمياوري آهي ته اها پنهنجي شهرين جي جان مال ۽ آزادي جو تحفظ ڪري.
عمران ۽ بشريٰ بي بي خلاف خاور مانيڪا جي درخواست
اسلام آباد ( م ڊ ) بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس گهرواري خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. خاور مانيڪا اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ مفتي سعيد، عون چوڌري ۽ محمد لطيف جا نالا شاهدن طور داخل ڪيا ويا آهن. بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس سول جج جي عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو ۽ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو بشريٰ بي بي سان غير شرعي نڪاح هو، هن عدت دوران بشريٰ بي بي سان شادي ڪري گناهه ڪيو ۽ فراڊ سان شادي ڪيو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي شادي 1989ع ۾ ٿي، اسان جي شادي شده زندگي پرامن هئي پر پي ٽي آءِ چيئرمين ان ۾ مداخلت ڪئي، عمران خان پيري مريدي جي آڙ ۾ بشريٰ گهر ۾ داخل ٿيو. خاورمانيڪا درخواست سان گڏ پنهنجي ۽ بشريٰ بي بي جي نڪاح جي تصديق ٿيل ڪاپي جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ درخواست سان طلاق نامو به شامل ڪيو آهي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 28 نومبر تي خاور مانيڪا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.
عام چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو
اسلام آباد ( م ڊ ) پوليس اهلڪارن جي کوٽ سبب اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ فوج جي مقرري لاءِ گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي. چونڊن ۾ پاڪ فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان لاءِ اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت کان ايندڙ عام چونڊن ۾ سڪيورٽي بابت جامع رپورٽ 27 نومبر تائين طلب ڪري ورتي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پوليس اهلڪارن جي کوٽ سبب چونڊن ۾ پاڪ فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، چئني صوبن ۽ اسلام آباد لاءِ سڪيورٽي اهلڪارن جي موجودگي بابت رپورٽ ڏني وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاق ۽ چارئي صوبا آئين تحت اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ جا پابند آهن، اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون لاءِ آئيني ۽ قانوني قدم کڻي رهيو آهي، سمورن تڪن ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي.