اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان جاري ڪيل ڪاز لسٽ موجب جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست 28 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته شهري عاطف علي جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا، جنرل رٽائرڊ فيض حميد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست داخل ڪئي هئي. شهري عاطف علي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳوڻن آفيسرن پاران غلط ۽ جڙتو طريقي سان مختلف ايونٽس کي ظاهر ڪري داغدار ڪيو ويو. درخواستگذار موجب ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ صحافت جي آڙ ۾ آرٽيڪلز ذريعي رياستي اداري جي ناڪاري تصوير پيش ڪئي وئي. درخواست موجب جاويد باجوا ۽ فيض حميد قانوني رنڊڪون پار ڪري سنگين ڏوهه ڪيو، ايف آءِ اي کي ٻنهي خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.