ڪراچي (م ڊ ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ايڇ آر سي پي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي ادارن پاران عدالت کان ماٿهين قتل واري عمل جي سخت مذمت ڪري ٿي، جيڪي بلوچستان خاص ڪري ڪيچ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. عدالت کان مٿاهون قتل ڪنهن به صورت ۾ جائز ناهي، رياست جي قانوني ذميواري آهي ته هو زندگي جي حق جو تحفظ ڪري. ڏوهارين کي ملندڙ ڇوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي حساب ڏيڻو پوندو. ايڇ آر سي پي پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته ڪرا چي ۾ رهندڙ ٻن صحافين انيس منصوري ۽ علي سرور کي مبينا طور سرڪاري ادارن رپورٽنگ جي ڪري نشانو بڻايو آهي. سرور کي مبينا طور 24 نومبر تي جبري گم ڪيو يو هو جڏهن ته اڻڄاتل ماڻهو منصوري جي غير موجوگي ۾ گهر ۾ گهڙيا ۽ سندس پوڙهي ماءُ کي ڌمڪيون ڏنيون، نوٽيس حڪومت کي واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.