اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ چونڊن کانپوءِ اتحادي حڪومت جي جوڙجڪ بابت گهڻي حد تائين معاملا طئه ٿي چڪا آهن، نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ معاملا طاقتور ڌرين طئه ڪرايا آهن جن بابت شايد بلاول ڀٽو زرداري کي ڄاڻ نه آهي، ان سلسلي ۾ نامياري صحافي عاطف راجا ذوالفقار جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان اصل ۾ صدارت جو اميدوار هو پر نواز شريف ان کي به راضي ڪيو آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ صدر آصف زرداري جو هجڻ ضروري آهي. جيئن ملڪ کي معيشت جي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهون، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري اهو ذهن ٺاهي چڪو آهي ته هو وزيراعظم ٿيندو، ان حوالي سان آصف علي زرداري انتهائي سنجيده، بردبار ۽ باخبر سياستدان آهي، ان کي اندازو ٿي چڪو آهي ته پيپلز پارٽي هاڻوڪين چونڊن ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي ان ڪري ايندڙ حڪومت ن ليگ جي هوندي، ان ڪري آصف علي زرداري هاڻي کان ئي بلاول ڀٽو سميت پارٽي قيادت کي ذهني طور تيار ڪرڻ شروع ڪيو ته ايندڙ حڪومت اتحادي هوندي، ٿي سگهي ٿو ته بلاول ڀٽو کي اها غلط فهمي ٿي هجي ته سندس والد پنهنجي صدارت لاءِ وزيراعظم شپ جي قرباني ڏني آهي پر ايئن نه آهي . ڇو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ رڳو چونڊ کٽڻ به ڪافي نه هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آصف علي زرداري اشارو ڏنو ته بلاول ڀٽو کي اڃان تجربو نه آهي، ڏسڻو آهي ته پيءُ پٽ مان ڪير ڪنهن کي پنهنجي موقف جو قائل ڪري ٿو .
28 نومبر تي عمران جي مقبوليت جو اندازو ٿي ويندو
لاهور (عوامي آواز نيوز) عمران خان ۽ شاهه محمود قريشيءَ کي جڊيشل ڪامپليڪس آڻي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ان ڪري نگران حڪومت قبول ڪيو آهي جيئن سندس مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ به چاهي ٿي ته عمران خان کي جيل کان ٻاهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيئن ڏسي سگهجي ته ڪير ٿو عمران جي آجيان لاءِ روڊن تي اچي هڪ ته مقبوليت جو اندازو ٿي ويندو ٻيو ٿي سگهي ٿو ته 9 مئي ۾ گهربل جوابدار به هٿ اچي وڃن، ڇو ته جيڪي 9 مئي واقعن جا ڪيس داخل ٿيل آهن، انهن ۾ ڪيترائي نامعلوم به ڄاڻايل آهن، ان ڪري 28 نومبر تي عدالتي پيشي دوران خبر پئجي ويندي ته عمران خان هاڻي ڪيترو مقبول آهي، ان ڪري حڪومت کيس عدالت پيش نه ڪرڻ لاءِ ڪابه قانوني رڪاوٽ نه وڌي آهي.