اسلام آباد ( م ڊ ) صدر عارف علوي کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. صدر جي برطرفي لاءِ درخواست شهري طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ رياست جي صدر خلاف سندس تعصب ۽ بدانتظامي تي ڪارروائي جو حڪم ڏئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته صدر عارف علوي بدانتظامي جو ڏوهه ثابت ٿيو ته کيس عهدي تان هٽايو وڃي. صدر جانبدار آهي ۽ ملڪ جو سربراهه ٿيڻ جي لائق ناهي، هو پنهنجي عهدي تي غير جانبداري سان ڪم نٿو ڪري. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جهڙن معاملن تي سوشل ميڊيا تي ٽوئٽ ڪري جانبداري جو اظهار ڪيو ۽ انهن تي صحيح نه ڪئي. درخواست ۾ صدر عارف علوي، سندس سيڪريٽري ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.