بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) گولاڙچي ويجهو چڪ نمبر 6 جي ڳوٺ قادر بخش نھڙيو ۾ ڪمبوھ ۽ نھڙيا برادري جي ٻن گروپن ۾ ھلندڙ زمين جي تڪرار تان پاڻ ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب نھڙيا برادري جو چاليھه سالن جو دين محمد نھڙيو ۽ ابوبڪر ملاح سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال گولاڙچي آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي دين محمد نھڙيو فوت ٿي ويو جنهن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نهڙيا برادري جي ماڻهن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته زمين 95 لک روپين ۾خريد ڪئي آهي جيڪا ڪمبوه برادري جا ماڻهو پاڻ خريد ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيا هئا، هنن اسان سان ظلم ڪيو آهي.