ڊاڪٽر فهميده حسين جي شخصيت ۽ سندس ڪتاب

تحرير: جامي چانڊيو

ڊاڪٽر فهميده ميمڻ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ فخر لائق ادبي اسڪالر، ليکڪا، شاهه لطيف جي پارکو ۽ ادبي نقاد آهي. هن جو تعلق به سنڌ جي هڪ نهايت فخر جوڳي اعلي تعليم يافته، علمي ۽ ادبي خاندان سان آهي. هن جي شعوري ۽ روشن خيال تربيت پهرين پنهنجي والد، جيڪو هڪ شاندار انسان ۽ استاد هو جي پاڇي ۾ ٿي ۽ پوءِ سندس ادبي اوسر سندس وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي وڏي عالم ۽ اديب سائين سراج ميمڻ جي ادبي هٿن ۾ ٿي، جيڪا خود هڪ فخر ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي.

ادي ڊاڪٽر فهميده ۽ سندس خاندان سان منهنجو به ويجهو ۽ احترام جو تعلق رهيو آهي ۽ هڪ طويل ادبي رشتي جي سفر ۾ مون ادي فهميده کي سندس نالي جيان فهميدي، نهايت معتبر، سٻاجهي، ڄاڻوُ ۽ بَرجُستي ليکڪا جي حيثيت ۾ ڏٺو، پرکيو ۽ سدائين دل سان ساراهيو آهي.

بنيادي طور هوءَ هڪ مضمون نگار آهي، جيڪا غير افسانوي ادب جي هڪ اهم ترين صنف آهي، پر هن جي تخليقيت ۽ تخليقي پورهيي جو دائرو گهڻين صنفن تائين ڦهليل آهي ۽ هڪ قابل ادبي استاد ۽ پارکو هن کي ائين ان تخليقي سفر ۾ ڪم آئي آهي جو هن جنهن به صنف ۾ هَٿُ وڌو آهي ان ۾ ساڳيو معيار، ٻوليءَ جي پختگي، فڪر ۽ خيال جي روشن خيالي ۽ سنجيدگي توڻي اسلوب ۽ اظهار جي گهاڙيٽن جي فني ۽ترڪيبي گهرجن جو نهايت سھڻو ۽ متوازن خيال رکيو آهي. هڪ قابل ۽ ڪميٽيڊ ادبي اسڪالر ۽ استاد جي تجربي ۽ حيثيت هن جي ادبي نقاد هجڻ جي حيثيت کي جيڪا پختگي، شائستگي ۽ ڏانءُ بخشيو آهي اهو هن کي هڪ جدا سڃاڻپ ڏئي ٿو.

ادي ڊاڪٽر فهميده جي ادبي مضمونن، مقالن، تنقيدي راين ۽ مهاڳن جي ادبي تنقيد جي حوالي سان انڪري اتساهيندڙ ۽ فڪرانگيز اهميت آهي جو هوءَ نه رڳو ادبي تنقيد۽ پرک جا اصول ۽ معيار ڄاڻي ٿي پر هوءَ پنهنجي اصلوڪن راين ۽ تنقيدي ويچارن کي انهن معيارن سان تخليقي امتزاج جو هنر به ڄاڻي ٿي. مون هميشه هن جا ادبي تنقيد جي حوالي سان لکيل ليک وڏي شوق ۽ ادبي ذوق سان پڙهيا آهن ۽ انهن مان سکيو پڻ آهي.

مان ادي فهميده حسين کي هن ڪتاب جي اشاعت جون نه رڳو دلي مبارڪون ڏيان ٿو پر سمجهان ٿو ته ادب ۽ ادبي تنقيد ۾ دلچسپي رکندڙ اديبن، شاگردن ۽ نوجوان اسڪالرن کي هي ڪتاب نه رڳو پسند ايندو پر انيڪ موقعن تي سندن فني ۽ فڪري سُونهائپ به ڪندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.