پيٽرول ۽ ڊيزل جي گهٽتائي سان ڀاڙا به گهٽجڻ گهرجن

تحرير: فياض حسين راڄپر

وقتي سرڪار ملڪي ڪارونهوار هلائڻ لاءِ جيڪي اُپاءُ ورتا سي سڀ قابل تعريف آهن جن ۾ دهشتگردن جي پاڙ پٽڻ، ذخيرو ڪندڙن کي بي نقاب ڪرڻ، ڌاڙيلن جي چيلھه چٻي ڪرڻ، پيٽرول سستو ڪرڻ شامل هئا جيڪي ان احسن نموني نڀايا انهن لاءِ عملي قدم کڻي حقيقت ڪري ڏيکاريو. لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرچ آپريشن وسيلي ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي نيست نابود ڪرڻ، ڪيترن نالي وارن ڌاڙيلن کي قانون جي ڪٽهڙي تائين پهچائي امن امان کي يقيني بڻايو.

ڪيترن ئي شهرن ۾ کائڻ پيئڻ وارين شين کي لڪائڻ وارن دڪانن ۽ گودامن تي ڇاپا هڻي هزارين من کنڊ جون ٻوريون، خشڪ ميوو، ۽ ٻيون شيون پڌريون ڪيون جئين عوام کي آساني ملي سگهي، آساني عوام تائين پهتي يا نه اها خبر ته خدا کي اسان ته اهو ڄاڻون ٿا ته ڪجهه شين جي قيمتن ۾ ڪمي ضرور ٿي پر ڇڙواڳ دڪاندارن ايترو به ڪين ڪيو هڪ ئي بازار ۾ هڪ ٻئي ڀرسان دوڪان هئڻ باوجود سندن شين جا اگھه مختلف آهن ۽ انهن مٿان ظابطو آڻڻ وارا ڪٿي به ڏيکاري نٿا ڏين عوام اڃان تائين ڏکيائين ۾ اڳ واري صورتحال ۾ ساڳئي نموني گذارو ڪري رهيا آهن. ساڳئي صورتحال ۾ گذارو ته سکر ڊويزن جا اهي ملازم به ڪري رهيا آهن جيڪي مختلف ادارن ۾ ملازمت ڪري رهيا آهن ۽ ڪن مجبورين سبب هر ڏهاڙي اچڻو وڃڻو پوي ٿو.

پيٽرول سستو ٿيڻ جي باوجود ڀاڙن ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ناهي ٿي ۽ ان مٿان نظر ثاني ڪرڻ وارو ڪير به ناهي. ڀاڙن جا اگھه ٽريفڪ جي قائدن قانون مطابق مقرر ڪري سفر ڪندڙن گاڏين ۾ لسٽون لڳائيون وڃن. پر اسان جي سکر ڊويزن ۾ ڊگهي وقت کان نه مقرر ڀاڙا نه لسٽون نه وري ٽريفڪ پوليس هاڻي جڏهن پيٽرول ۽ ايل پي جي گئس سستا ٿيا آهن ته انهن جو فائدو ڀاڙن جي گھٽتائي جي صورت ۾ عوام کي ملڻ گهرجي پر افسوس اڄ به ”ڀاڙو مھانگو، سفر اڻانگهو“ جهڙا اکر اچاري رهيا آهن سکر ڊويزن ۾ 9 ڪلو ميٽر جو ڪرايو پنجاھ روپيا ورتو ٿو وڃي جيڪو ٽريفڪ جي قائدن قانون جي ڀڃڪڙي آهي اهو ئي سبب آهي جو سفر ڪندڙن ۽ ٽرانسپورٽ وارن ۾ سنها ٿلها جهگڙا به روز جو معمول بڻيل آهن. ٽريفڪ پوليس ۽ ٽرانسپورٽ وارن جي دوستي اهڙي محسوس ٿيندي آهي جهڙي ”گهوڙي ۽ گاھه جي“ اسان جيڪڏهن ويچاريون ته هي ملڪ غريب عوام لاء ئي ٺاهيو ويو آهي ۽ هتي غريب عوام جي مفادن کي عزيز رکندي آهي کين اهميت ڏني وڃي پر افسوس مسڪين جي مفادن کان وڌيڪ اهميت ڪجهه ادارن ۽ خاص طبقي جي ماڻهن ۽ انهن جي مفادن کي ڏني ٿي وڃي جڏهن ته ملڪي سنوار سينگار ۾ پورھيت مسڪين ماڻهو شامل هوندا آهن سو خوشيون ۽ آسانيون انهن لاءِ هئڻ گهرجن .

جڏهن پيٽرول سستو ٿئي ته عام واهپي جي شين ۾ ته گهٽتائي جو جهان اچڻ گهرجي پر ڀاڙن ۾ پڻ سستائي ٿيڻ گهرجي پيٽرول جي گهٽ ٿيل اگهن کي يقيني بڻائڻ لاءِ آفيسرن وسيلي ضابطو آندو وڃي وڌيڪ قيمتون وٺڻ  وارن کي ڏنڊ ۽ قيد و بند جي سزا ڏني وڃي ڀاڙن تي به نظر ثاني ڪئي وڃي جيئن اهي گهٽ ٿي سگهن جيئن نوڪري ڪندڙ، يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي فائدو ٿي سگهي.مختلف اسٽاپن تي آفيسر مقرر ڪيا وڃن جيڪي ڀاڙي کي گهٽ ڪرائين يا مقرر لسٽ ڏسن..

پيٽرول سستو ٿيڻ جي باوجود ڀاڙن ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ناهي ٿي ۽ ان مٿان نظر ثاني ڪرڻ وارو ڪير به ناهي. ڀاڙن جا اگھه ٽريفڪ جي قائدن قانون مطابق مقرر ڪري سفر ڪندڙن گاڏين ۾ لسٽون لڳائيون وڃن، پيٽرول جي گهٽ ٿيل اگهن کي يقيني بڻائڻ لاءِ آفيسرن وسيلي ضابطو آندو وڃي وڌيڪ قيمتون وٺڻ  وارن کي ڏنڊ ۽ قيد و بند جي سزا ڏني وڃي ڀاڙن تي به نظر ثاني ڪئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.