عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف ملهائيجندڙ ڏينهن ۽ ڪجهه زميني حقيقتون

تحرير: حميده گهانگهرو

دنيا اندر ملهائيجندڙ ڪجهه تاريخون بنيادي طور هڪ ٻئي سان سهڪار ۽ امن، اتحاد، حوصلا افزائي ڏيڻ لاءِ هڪجهڙائي رکن ٿيون. مائرن جو عالمي ڏينهن، عورتن جو عالمي ڏينهن، پورهيتن جو عالمي ڏينهن،  پيئرن جو عالمي ڏينهن، ٻارن جو عالمي ڏينهن صحت، تندرستي، بيماري، جدوجهد مطلب ته زندگيءَ سان سلهاڙيل سڀ رشتا احساس سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڄاڻائي انهن کي يادگار بڻائي انساني تاريخ جي جستجو جاکوڙ کي مانائتو ڪيو ويو آهي.

25 نومبر جي تاريخ به ڪجهه اهڙي تاريخي اهميت رکندڙ پسمنظر جو  احساس آهي. دراصل انسانن جو وحشي جبلتن مان نڪرڻ، مهذب، تهذيب يافته ۽ ثقافتي رنگ ۾ سموئجڻ کانپوءِ وري هڪ لاڙو افسوس جوڳو  اهو به پيدا ٿيو ته انهن ئي رشتن ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا. هڪ ٻئي مان احساس ۽ جذبا دز مٽيءَ جي ور چڙهڻ شروع ٿيا. سولن لفظن ۾ چئجي ته مڪمل انسان ثابت ٿيڻ کانپوءِ انسانيت ختم ٿيڻ جهڙا خوفائتا لاڙا  ڏسڻ ۾ آيا. جن انسانن مان انسانيت جي اهم ۽ مقدس رشتن کي بيماري واري پيلاڻ ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو. اتي ڏينهن ملهائڻ جي هڪ بهترين روايت قائم ڪرڻ دراصل انهن احساسن ۽ رشتن ۾ احساس ۽ جذبا قائم دائم رکڻ هئا.

اهڙيءَ طرح 25 نومبر به عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف متحرڪ آواز کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهڙن ڪردارن کي ”علامت“ ٺاهي ثابت ڪري ڏيکارڻ هو ته نفيس نازڪ جو لقب حاصل ڪندڙ عورتون دراصل پهاڙ کان به مضبوط ۽ پختو ارادو رکي ڪنهن به دٻاءُ ۽ هراسمينٽ ۾ نه اچي قرباني به ڏئي سگهن ٿيون.

اهڙو ئي مثال ليٽن آمريڪا جي ڊومينيڪن ريپبلڪ جي ٽن ڀينرن کي ملڪ جي بادشاهه جي حڪم موجب 1960ع ۾ اذيت جوڳي تشدد ڪري موت جي ننڊ سمهاريو ويو. سندن ڏوهه اهو هو ته هو باشعور سياسي نظرياتي سوچ رکندڙ حق ۽ انصاف لاءِ آواز بلند ڪري رهيون هيون.کين موت جي ابدي ننڊ ۾ وڃڻ وقت اها به خبر نه هئي ته سندن مستقبل ۾ ڪهڙي حيثيت هوندي  پر اها حقيقت آهي ته دنيا جي تاريخ ڪنهن به حقيقي جدوجهد ۽ قربانيءَ ڏيندڙن کي خاموش ناهي رکندي. مرڻ وارو جڏهن پنهنجو ساهه ڏيندو آهي ته دنيا ۾ رهندڙ قومون سندن ويساهه کي مان ڏيندي ياد ڪنديون آهن. اها ئي 25 نومبر جي شهيد عورتن جي ويساهه کي مان ڏيڻ جي نه رڳو تاريخ پر نئين نسل چاهي مرد هجي يا عورت شفاف پاڻيءَ مان شيشي وانگر ڌرتي نظر ايندڙ اهڙا  ڪردار هر دور لاءِ اتساهه هوندا آهن.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا عورت مٿان تشدد ختم ٿي ويو آهي؟ ڇا انهيءَ تشدد جا ذميوار صرف ۽ صرف مرد آهن يا عورت عورت سان به زيادتي ڪري ذهني پيڙا ڏيندڙ ۽ مرد هٿان تشدد ڪرائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي آهي. هاڻي ڪنهن حوالي سان رڳو مرد کي تشدد جو ذميوار نٿي چئي سگهان. انهيءَ مرد کي جنم ڏيڻ واري به عورت آهي. ڪٿي تشدد ۽ اذيت ڏيندڙ رويا بنا ڪنهن هٿيار جي عورت جا به رهيا آهن.  هڪ عورت جي حيثيت ۾ اهڙا ڪيترا مثال موجود آهن جيڪي عورت جي بدنما ڪردار هوس، ذاتي خواهش سبب ٻي عورت سان زيادتي ڪري رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. جيئن هڪ شادي شده  مرد سان پنهنجي دلڙي لڳائي بلڪل وساري ڇڏيندي ته بحيثيت ٻي عورت جي حقن سان ظلم ۽ زيادتي ڪري رهي آهي. سندس ذاتي خواهشون ٻي عورت کي ٽياس تي ٽنگڻ برابر هونديون. وري اهو چوڻ ته اسلام ۾ چار شاديون جائز آهن ته پوءِ اسلام ۾ هڪ ڀيڻ جي مڙس سان لاڳاپا رکي ٻي ڀيڻ تي غير قانوني غير شرعي پهاڄ پوڻ ڪهڙي قانون ۽ شريعت ۾ لکيل آهي وري مٿان خاندان جي ريتن رسمن جي تلوار به انهيءَ عورت مٿان جنهن سان استحصال ٿئي ٿو ته متان ٻڙڪ ڪڍي ٿئي بدنامي ٿيندي. ۽ استحصال ڪرڻ واري  سان وڏا ٺاڙها باشا انهيءَ حد تائين جو پنهنجي اولادن خاص طور نياڻين جي به وچ ۾ ويهاري مان ڏيڻ اهو نه سوچڻ ٿا جڏهن اهي شاديءَ کانپوءِ ٻئي خاندان ۾ وينديون ته تڏهن ڪي طعنا ته ٻڌڻا پون يا سندن ذهني اوسر ڪهڙي هوندي. پوءِ رڳو عورتن جي مظلوميت تي شاعري ڪرڻ يا تقريرون ڪري ڳالهائڻ مان سماج کي ڪهڙي بهتري جو نياپو ڏئي عورت جي تشدد جي ڳالهه ڪجي ٿي؟

انهيءَ ڪري ضروري آهي ته انسان جي جسم جو سڀ کان ويجهو حصو گريبان آهي. پهرين گريبان ۾ هٿ وجهي پاڻ کي مثالي بڻائي پوءِ پنهنجي ئي ڪک مان پيدا ٿيندڙ مرد يعني پٽ، پيءُ، ڀاءُ، مڙس خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.ان ۾ ڪو شڪ يا وڌاءُ ناهي ته مرد طرفان عورت تي تشدد جا واقعا لڱ ڪانڊارجيندڙ هوندا آهن. ڳوٺاڻين عورتن تي مارڪٽ گهر جا ٽنڊن ٺاهي صحت جي سهوليت، تعليم جي آزادي، اظهار جي آزادي کان محروم رکي مرداڻي سماج جي مڙهيل فيصلن تي راضي ڪرڻ، عورتن جي آواز اٿارڻ تي انهيءَ کي ڪاري ڪري مارڻ، يا وري قتل جي عيوض سڱ چٽيءَ بدلي ۾ ڏئي ڌيءَ جيتري سان شادي ڪرڻ گهر ۾ ڪا به راءِ رکڻ ڏيڻ جي حق کان محروم رکڻ جهڙا جيءَ جهوريندڙ واقعا اذيت جوڳا رهيا آهن.

شهرن ۾ ادارن ۾ ڪندڙ پڙهيل لکيل عورتن کي ساڙ حسد ۽ عورت جي برتري کي برداشت نه ڪندي هراسان يا ڪي معمولي پر انتهائي تڪليف ڏيندڙ رويا رکڻ پڻ تشدد جي دائري ۾ اچن ٿا.ميڊم فهميده حسين پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ادارن اندر ڪم ڪرڻ وارين ساروڻين ۾ به اهڙن رنڊڪون وجهندڙ مردن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کان پوءِ ٻوڏ دوران عورتن سان مرد طرفان ڪيل من ماني جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي سو ئي  اصل ۾ اها جرئت آهي. سماج ۾ پنهنجو پاڻ سان انصاف ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي وڪيل ۽ جج مقرر ڪرڻ وارا فيصلا عورت ذات کي پاڻ ڪرڻا پوندا.

سماج ۾ ايئن ناهي ته عورتون رڳو بهادري ۽ دليريءَ سان فيصلا ڪرڻ ڪري مشهور آهن. مائي ڪولاچي، مائي ڊگهڙي جنهن جو نالو ڊگهڙي شهر تي آهي اهڙا گهڻا مثال آهن. مائي بختاور شهيد،ٻاگهل ٻائي، ۽ ڪافي گمنام عورتن به سماج لاءِ مثال قائم ڪيا آهن.

اتي وري ڏسجي ته مرد شهيدن جي به ڊگهي لسٽ آهي، سياسي، سماجي، قومي هيروز ڌرتيءَ لاءِ سر قربان ڪيا آهن. جيڪڏهن ڏسجي ته حسن ناصر، نذير عباسي، ڀڳت سنگهه، هيمو ڪالاڻي،ٺوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد، ذوالفقار علي ڀٽو به سماج جي تبديلي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، عورت ۽ نياڻي جي حيثيت ۾ بي نظير ڀٽو سياسي طور آزادي، قومن جي خودمختياري انسانيت ۽ نسلن کي بچائڻ لاءِ پنهنجن ابهم ٻارن جي کي ڇڏي ڪري جان جي قرباني ڏئي بهادري جو مثال قائم ڪيو.

سو سماج اندر تڏهن تبديلي ايندي جڏهن عورت ۽ مرد ڪلهي سان ڪلهو ملائي جاگيرداراڻا، سرمائيداراڻا، سرداري نظام جي خلاف حقيقت  پسند ٿي علم، شعور، نظريي، سوچ فڪر سان سلهاڙجي هلن. تڏهن ئي سماج مان برائي ختم ڪري استحصال کان پاڪ معاشرو ٺاهي سگهجي ٿو.

25 نومبر تي سگا عورت ونگ جي ”عورت ڪانفرنس“ جي ساراهڻ جوڳي عمل جنهن جي اڳواڻي سنڌ جي مها ڏاهي عورت ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ پنهنجي ساٿياڻي سلطانا صديقي، سلطانه وقاصي، فهميده حسين، شبمن موتي وغيره سان ملي ڪري عورت سان ٿيندڙ ظلم، ڏاڍاين خلاف للڪاريو آهي اهو بهترين عمل آهي. پر ميڊم کي نماڻي گذارش آهي ته جيئن زندگيءَ کي جيئارڻ لاءِ ڪن ان ڪڻن ۾ گهڻا ۽ سرا اچي وڃن ته انهن کي ڪڍي صاف پڻ ڪجي جيڪو  انساني صحت لاءِ ڪارگر هوندو آهي.

اهڙيءَ طرح سماج مان اهي گهڻا سرا پوءِ مرد هجي چاهي عورت نه ڪڍيا ويندا ته سماج مان ظلم، جبر، بربريت استحصال ختم ٿيڻ وارو تصور صرف ۽ صرف خواب رهندو. ڏسڻو اهو به پوندو ته ڪجهه تاريخن يعني 8 مارچ جي نعري ۽ مقصد کي ڦيري گيري سماج لاءِ غير معياري نعرا ڏئي رجعت پسندن کي مخالفت ڪرڻ جو هٿ سان موقعو ڏنو ويو ته ان سان  اصل مقصد حاصل نه ٿي سگهندو سو اصل تاريخي اهميت، افاديت ختم نه ڪرڻ گهرجي. تاريخ کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي انصاف لاءِ سجاڳ ڪرڻ سان ئي برائيءَ جو خاتمو ۽ سڌارو آڻي سگهجي ٿو.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا عورت مٿان تشدد ختم ٿي ويو آهي؟ ڇا انهيءَ تشدد جا ذميوار صرف ۽ صرف مرد آهن يا عورت عورت سان به زيادتي ڪري ذهني پيڙا ڏيندڙ ۽ مرد هٿان تشدد ڪرائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي آهي. هاڻي ڪنهن حوالي سان رڳو مرد کي تشدد جو ذميوار نٿي چئي سگهان. انهيءَ مرد کي جنم ڏيڻ واري به عورت آهي. ڪٿي تشدد ۽ اذيت ڏيندڙ رويا بنا ڪنهن هٿيار جي عورت جا به رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.