بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ جي وزيراعظم انوتن چرن وراڪل ڪمبوڊيا سان گذريل هڪ هفتي کان جاري تازي سرحدي تڪرارن کانپوءِ پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي خبر موجب، ٿائيلينڊ جي وزيراعظم شاهي فرمان پڙهي ٻڌايو ته ٽي مهينا اڳ جڏهن اقتدار سنڀاليو، تڏهن کان سندس اقليتي حڪومت کي ڪمبوڊيا سان سرحدي تڪرارن سميت مختلف مسئلن جو منهن ڏسڻو پيو.
ٿائي وزيراعظم پارليامينٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سمورن مسئلن جو حل سياسي طاقت کي عوام جي حوالي ڪرڻ ۾ آهي.
ياد رهي ته انوتن چرن وراڪل سيپٽمبر 2025ع ۾ وزارت اعظمي جو منصب سنڀالڻ وقت چيو هو ته هو جنوري 2026 جي آخر تائين پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏيندو.
You might also like