سوسائٽي فار دي پروٽيڪشن آف دي رائٽس آف دي چائلڊ (اسپارڪ) طرفان صحافين لاءِ هڪ خاص آگاهي نشست منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ماهرن پاڪستاني نوجوانن ۾ سگريٽ نوشي ۽ نڪوٽين جي شين جي استعمال ۾ تيزيءَ سان اضافي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مؤثر قانون سازي ۽ ان تي سخت عملدرآمد جي ضرورت اجاگر ڪئي۔ماهرن موجب سگريٽ نوشي ۾ تمباڪو ساڙڻ کان پيدا ٿيندڙ دونهين جا زهريلا جزا سڌو سنئون ڦڦڙن، دل ۽ رت جي گردش تي حملو ڪن ٿا۔
ڊاڪٽر خليل احمد ڊوگر ٻڌايو ته تمباڪو جي دونهين ۾ 7 هزار کان وڌيڪ زهريلا ڪيميڪلز شامل آهن.انهن مان 70 کان وڌيڪ عنصر سڌي ريت ڪينسر پيدا ڪن ٿا.هن چيو ته دل جي بيمارين، ڦڦڙن جي تباھي، فالج ۽ ڪيترن ئي موذي مرضن جو اهم سبب سگريٽ نوشي آهي.ماهرن چيو ته ملڪ ۾ تمباڪو خلاف ڪيتريون پابنديون لاڳو آهن.جنهن ۾ عوامي هنڌن تي سگريٽ نوشي تي پابندي آهي .18 سالن کان گهٽ عمر وارن کي سگريٽ جي وڪرو تي پابندي آهي ،تعليمي ادارن جي 50 ميٽر اندر سگريٽ وڪرو ممنوع آهي .پيڪٽس تي نمايان وارننگ ليبل لازمي آهي .ميڊيا ۾ تمباڪو جي اشتهارن تي مڪمل پابندي هجڻ گهرجي .تنهن هوندي به ماهرن چيو ته انن قانونن تي عملدرآمد گهٽ هجڻ مسئلو بڻجي چڪو آهي.ڊاڪٽر ڊوگر انڪشاف ڪيو ته پاڪستان ۾ هر ڏينهن لڳ ڀڳ 1,200 ٻار سگريٽ نوشي شروع ڪن ٿا، جيڪا انتهائي خطري جي گهنٽي آهي.انهن ٻڌايو ته نڪوٽين شيون ۽ اي-سگريٽس کي گهٽ نقصانڪار طور پيش ڪرڻ سراسر غلط دعويٰ آهي، جنهن جو مقصد نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ آهي۔
آگاهي نشست ۾ تمباڪو ڪنٽرول قانونن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم تجويزون پيش ڪيون ويون.جنهن ۾ نگراني ۽ چيڪنگ جو سخت نظام ڪيو وڃي .دڪانن ۽ مارڪيٽن ۾ باقاعده انسپيڪشن ڪئي وڃي .قانون ٽوڙيندڙن خلاف فوري ڏنڊ ۽ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي . اشتهاربازي روڪي وڃي. سوشل ميڊيا ۽ آن لائين پليٽ فارمز تي نيون نکوٽين شين جي مخفي پروموشن تي پابندي هجي .تمباڪو ڪمپنين جي اسپانسرشپ مڪمل بند ڪرڻ گهرجي .اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سطح تي قدمن جي سختي ڪئي وڃن .اسڪولن جي ڀرسان وڪرو ڪندڙ دڪانن جا لائسنس رد ڪرڻ گهرجي .شاگردن لاءِ لازمي آگاهي پروگرام ڪيا وڃن .سگريٽ تي ٽيڪس ۾ اضافوڪيو وڃي .ماهرن جو چوڻ هو ته قيمتن ۾ واڌ نوجوانن کي سگريٽ نوشي کان روڪڻ جو سڀ کان مؤثر طريقو آهي۔
ڊاڪٽر ڊوگر زور ڏنو ته ميڊياپنهنجو ڪردار اداڪري جنهن ۾ هن چيو ته تمباڪو ڪمپنين جي گمراهه ڪندڙ حڪمتِ عملين کي وائکو ڪيو وڃي .سائنسي ڄاڻ عام ڪئي وڃي .صحت بنياد پاليسين جي وڪالت ڪرڻ گهرجي .ماهرن چيو ته اي-سگريٽ، ويپنگ ڊوائيسز ۽ نڪ پائوچز کي محفوظ متبادل ظاهر ڪرڻ نوجوانن کي خطري ۾ وجهڻ برابر آهي، ڇوتہ اهي به دل ۽ ڦڦڙن لاءِ نقصانڪار ڪيميڪلز رکن ٿا۔نشست جي آخر ۾ اسپارڪ ۽ صحافي برادري جو اتفاق هوته نوجوانن جي آگاهي لاءِ گڏيل مهمون جاري رکيو وينديون.سائنسي ثبوتن تي ٻڌل تعليم ۽ رپورٽنگ کي هٿي ڏني ويندي جڏهن ته اسان سنڌجي صحت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڌاريجوکان پڇاڻو ڪيو ويو ته هن چيو آهي ته حڪومت شهرين جي صحت جي مسئلن کان چڱي ريت واقف آهي. سنڌحڪومت کاتي ۾ ٽوبيڪو ڪنٽرول سيل ٺاهيو آهي ۽ تمباڪو جي شين تي سختي کان ڪنٽرول ڪرڻ جا حڪم ناما جاري ڪيا آهن