ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر اويس قادر شاهه صوبائي حڪومت جي ترجمان کي ڇنڊ پٽي ڇڏي.
اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي عورت رڪن قرت العين چيو ته سمعتا افضال پاڻ سنڌ حڪومت جي ترجمان آهي.
ايم پي اي قرت العين چيو ته سمعتا افضال جوابده آهي ۽ هوءَ ئي اسيمبلي ۾ سوال ڪري رهي آهي، جنهن تي سمعتا افضال چيو ته مان صلاحڪار نه صرف ترجمان آهيان.
ان تي اسپيڪر اويس قادر شاهه سمعتا افضال کي ڇنڊ پٽنيدي چيو ته توهان ڪنهن کان پڇي اُٿي بيٺا آهيو؟ ويهي رهو.
You might also like