”ڇا اوهان ڪجهه لڪائي رهيا آهيو؟“ مير رضا ڪيس ۾ ڪميشن جو ايڊووڪيٽ جنرل کان سخت پڇاڻو، ضياءَ لنجار طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مير رضا ڪيس ۾ جڊيشل ڪميشن صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار کي طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران مير رضا جي والد ۽ ڀيڻ سميت پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه به پيش ٿي، جنهن ڪميشن جي مختلف سوالن جا جواب ڏنا.
وڪيل جبران ناصر ڪميشن کي ٻڌايو ته مير رضا جي جسم مان حاصل ڪيل نمونا دير سان ليبارٽري پهچايا ويا، جنهن تي ڪميشن سوال ڪيو ته ڇا انهن نمونن جي ڪا شيلف لائف به هوندي آهي؟
ڊاڪٽر سميعه ٻڌايو ته عام طور تي ان سان فرق نٿو پوي، پر دير سبب جيڪڏهن ڪو ڪيميڪل ٽريس نه مليو هجي ته ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي.
هن چيو ته هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ عام طور تي نمونا پهچائڻ ۾ دير ناهي ڪئي ويندي.
ٻڌڻي دوران سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل اعتراض واريندي چيو ته سوال ڪميشن طرفان ٿيڻ گهرجن، جبران ناصر طرفان نه.
ان تي ڪميشن چيو ته جيڪڏهن خاندان کي ڪو سوال ڪرڻو آهي ته سنڌ حڪومت کي ان تي ڪهڙو اعتراض آهي؟ ڇا اوهان ڪجهه لڪائي رهيا آهيو؟
ڪميشن چيو ته سنڌ جي گهرو وزير کي طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا وڃن ۽ چيو ته اوهان جي رويي سبب گهرو وزير کي طلب ڪرڻ گهرجي.
ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي مداخلت کانپوءِ ڪميشن ڪارروائي معطل ڪندي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

You might also like