”اولهه ڪنارو“ ڇاهي ۽ اسرائيل-فلسطين تڪرار ۾ ان جي ڪهڙي اهميت آهي؟

ويسٽ بئنڪ (ويب ڊيسڪ) ويسٽ بئنڪ( اولهندو ڪنارو) اردن درياهه جي اولهه پاسي موجود علائقو آهي، جيڪو اسرائيل-فلسطين تڪرار ۾ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو.
اسرائيل 1967ع واري جنگ دوران ويسٽ بئنڪ ۽ اوڀر يروشلم تي قبضو ڪيو، جنهن کانپوءِ اتي وڏي انگ ۾ يهودي آباديون قائم ڪيون ويون. موجوده دور ۾ ويسٽ بئنڪ ۾ لکين اسرائيلي آبادگار رهن ٿا، جڏهن ته لکين فلسطيني پڻ ساڳئي علائقي ۾ آباد آهن.
فلسطيني اولهندي ڪناري کي غزا سان گڏ پنهنجي مستقبل جي آزاد رياست جو حصو بڻائڻ چاهين ٿا، تنهنڪري هن علائقي جي حيثيت ٻن رياستن واري حل لاءِ مرڪزي اهميت رکي ٿي.
اسرائيلي آبادين جي واڌ کي عالمي برادري ۽ گڏيل قومن طرفان عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي.
ويجهڙائي وارن سالن ۾ ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي آبادڪارن طرفان فلسطيني شهرين خلاف تشدد ۽ بي دخلي جا واقعا پڻ وڌيا آهن.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس موجب، اسرائيلي آبادين جي واڌ ۽ ان سان لاڳاپيل سرگرمين سبب فلسطيني آبادي جي بي دخلي ۾ واڌ ٿي آهي.
واضح رهي ته 2022ع ۾ بنيامين نيتن ياهو جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آبادين جي واڌ ۾ تيزي آئي، جڏهن ته 7 آڪٽوبر 2023ع تي حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ غزا ۾ شروع ٿيل جنگ دوران اولهندي ۾ به ڇڪتاڻ ۽ آبادڪارن جي تشدد ۾ واڌ ڏٺي وئي.

You might also like