ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن خلاف اسلامي ملڪن کي ذميواراڻو ردِعمل ڏيڻ گهرجي: عباس عراقچي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي نئين سيڪريٽري جنرل سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو آهي ته اسلامي ملڪن کي ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀڃڪڙي تي ذميواراڻو ردِعمل ڏيڻ گهرجي.
ايراني خابرو اداري ارنا موجب، عباس عراقچي او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيڻ تي حسين ابراهيم طٰحهٰ کي مبارڪباد ڏني ۽ نئين عهدي تي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
عراقچي اميد ظاهر ڪئي ته نئون سيڪريٽري جنرل اسلامي دنيا کي درپيش حالتن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلامي ملڪن وچ ۾ اتحاد ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ او آءِ سي جي صلاحيتن کي اثرائتي نموني استعمال ڪندو.
ڳالهه ٻولهه دوران عباس عراقچي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران خلاف جارحيت کانپوءِ خطي جي تازي صورتحال کان به آگاهه ڪيو.
هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته اسلامي ملڪن کي ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀڃڪڙي تي ذميواراڻو ردِعمل ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته طاقت جي استعمال ۽ جارحاڻن قدمن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ ضروري آهن.

You might also like