ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه اسڪولن جي شيڊيول ۾ هڪ ڪلاڪ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سردار شاهه پنهنجي آفيشل فيس بڪ اڪائونٽ تي پوسٽ ذريعي اسڪولن جو وقت هڪ ڪلاڪ گهٽائڻ جو اعلان ڪيو.
ٻئي ڇاسي ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سردار شاهه چيو ته اسان هڪجهڙي تعليمي پاليسي ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون، جڏهن ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو وڌندڙ انگ هڪ وڏو چئلينج آهي.
هن چيو ته ٻوڏ سبب 20 هزار اسڪولن جون ڀتيون متاثر ٿيون، جڏهن ته پاڪستان دنيا ۾ تعليم تي سڀ کان گهٽ خرچ ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت کي پي ايس ڊي پي تحت تعليمي مرڪزن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ گهرجن.
صوبائي وزير تعليم چيو ته لکين ٻارن کي ڪميونٽي بيسڊ مرڪزن ذريعي تعليم ڏني پئي وڃي، پر مهانگائي ۾ مسلسل واڌ سبب تعليمي مرڪزن جا خرچ پڻ وڌي ويا آهن.
You might also like