سعودي تي حوثي باغين جو وڏو حملو، ڊرون ۽ ميزائل فائر ڪرڻ جي دعويٰ، 73 زخمي

رياض (ويب ڊيسڪ) يمن جي حوثي باغين دعويٰ ڪئي آهي ته هنن گذريل ٽن ڏينهن دوران يمن تي سعودي عرب جي 120 کان وڌيڪ حملن جي جواب ۾ سعودي عرب جي اقتصادي ۽ فوجي هدفن تي درجنين ڊرون ۽ ميزائل فائر ڪيا آهن.
حوثي فوج جي ترجمان يحيٰ سريع چيو آهي ته يمني هٿياربند فوج ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ وڏي پئماني جي فوجي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ درجنين بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون استعمال ڪيا ويا.
هن دعويٰ ڪئي ته حملن ۾ سعودي عرب جي مختلف اقتصادي ۽ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو ۽ حملن جو مقصد تازن سعودي حملن جو جواب ڏيڻ هو.
سعودي اختيارين طرفان حوثين باغين انهن دعوائن تي فوري طور ڪو باضابطا ردعمل سامهون ناهي آيو.
ٻئي پاسي سعودي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته حوثين طرفان ابها، خميس مشيط، جازان ۽ نجران شهرن ۾ شهري ۽ اقتصادي انفرااسٽرڪچر تي حملن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 73 سعودي شهري زخمي ٿيا آهن.
سعودي پرڏيهي وزارت ايڪس تي جاري بيان ۾ خبردار ڪيو ته بيگناهه شهرين ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ واري حوثين جي ڪارروائين جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا.
ان کان اڳ حوثي باغين دعويٰ ڪئي هئي ته سعودي عرب يمن جي صوبي الجوف جي شهر الحزم ۾ هڪ جيل تي هوائي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا.
حوثي ميڊيا موجب، الحزم جي سينٽرل ڪرڪشنل فيسلٽي جي تباهه ٿيل عمارت جي ملبي مان هڪ عورت سميت 11 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ 20 ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.
حوثين موجب، سعودي عرب الجوف کانسواءِ البَيضا، مارب، تعز ۽ الحديده صوبن ۾ به هوائي ۽ ڪروز ميزائل حملا ڪيا آهن.
حوثي فوج جي ترجمان دعويٰ ڪئي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سعودي عرب جا 4 جاسوسي ڊرون ڪيرايا ويا، جن ۾ هڪ ”سي ايڇ-4“ ڊرون پڻ شامل آهي.
سعودي اختيارين طرفان انهن دعوائن تي به اڃا تائين آفيشلي ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو.

You might also like