اسان جي ملڪ جي بدقسمتي اها رهي آهي ته ملڪ جو آئين ڪڏهن ڪنهن طاقتور جي اشارن تي ڪڏهن ٿو ڪر کڻي اها خبر هوندي به خبر ناهي هوندي ته ملزم کي بادشاهه ۽ بادشاهه کي ڪال ڪوٺي ۾ قيد ڪرڻ جي پٺيان اندروني سازش ملوث آهي يا بيروني سازش آهي .ٻئي پاسي وفاقي سياست جو وايو منڊل ان حد تائين وڃي پهتو آهي جو ڪالهه جا دوست اڄ جا دشمن بڻجي ويا آهن پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ هر پارٽي پاڻ کي ايماندار ۽ اڳين ڌر کي بي ايمان چئي ڪري عوام کان ووٽ جي گهر ڪري رهيو آهي،حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ن ليگ جي سربراهه نواز شريف ان نامعلوم طاقتور ڌر سان مڪ مڪا ڪري ڏيهه وريو آهي ان حوالي سان خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته نواز شريف پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي واپس آيو آهي سوشل ميڊيا تي ڪجهه هلندڙ وڊيو ڪلپن ۾ ظاهر ٿيو آهي ته نواز شريف جي واپسي جي شرط کين وزير اعظم بڻائڻ آهي جنهن جي بدلي ۾3 ارب ڊالر ڏيڻ جون افواهه آهن ته ٻئي پاسي”ساڊي ڳل هو گئي هي“ ن ليگ جو وتيرو بڻجي ويو آهي.
ملڪ ۾ هر طرف ن ليگ اسٽيبلشمنٽ ڳٺ جوڙ جون ڳالهيون زور شور سان هلن پيون جهڙي تيزي سان تحريڪ انصاف مان سياسي اڳواڻن جون وفاداريون تبديل ڪرايون ويون اهڙي تيزي سان ن ليگ ۾ شموليت وارو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي چون ٿا ته رات جون ملاقاتون نامعلوم ڪندا آهن. ڏينهن جون ملاقاتون شموليت جي صورت ۾ اچي وينديون آهن، ميڊِيا جي حلقن مان اهي به خبرون ملن پيون ته پنجاب،ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ بلوچستان مان وڏن وڏن سياستدانن کي ن ليگ ۾ شموليت ڪرائي پئي وڃياهڙي ئي صورتحال سنڌ ۾ به شروع ٿي چڪي آهي پيپلزپارٽِي، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ ٻين ننڍن وڏن سياسي جماعتن مان سياستدانن کي ن ليگ ڏانهن گهليو پيو وڃي، گذريل ڪجهه ڏينهن اندر ڪراچي جي سياست ۾ هڪ وڏي هلچل پيدا ٿي وئي آهي تازو پ پ جو اڳوڻو صوبائي وزير اختر جدون ن ليگ ۾ شموليت ڪري ورتي آهي، اهڙي طرح تحريڪ انصاف ڇڏي پ پ ۾ ٽپو ڏيندڙ ملير جو اڳواڻ گبول صاحب به ن ليگ ۾ هليو ويو آهي، چون ٿا ته پ پ جو پراڻو اڳواڻ لال بخش ڀٽو، نبيل گبول سميت ڪيترن ئي ٻين اڳواڻن سان اندروني طور تي پريشر وڌو پيو وڃي ته اهي ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪن هاڻي ماڻهو ڪنهن جو چوڻ ٿا وٺن اهو وقت ئي ٻڌائيندو .
اهڙي طرح ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي سياست ۾ به مايوسي نظر ڇائجي وئي آهي ذريعا چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي ڪجهه ڌڙن مٿان دٻاءُ آهي ته اهي ن ليگ ۾ شموليت ڪن، اهڙي طرح هالا جي مخدوم، ٺٽي جي شيرازين ۽ ٿر جي ارباب کي به ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جون ڳالهيون تيزي سان هلن پيون،شڪارپور جي تيغو خان تيغاني جي ن ليگ ۾ شموليت کي پ پ مخالف ووٽ ۾ اضافي جي اڳڪٿي ٿي رهي آهي ڇو ته تيغو خان تيغاڻي شڪارپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ جي علائقن ۾ دهشت جي علامت رهيو آهي چوڻ وارا چون ٿا ته ان جي شموليت سان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شڪارپور ، ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ ۽ جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ ڪافي سردار ۽ وڏيرا پنهنجون وفاداريون تبديل ڪرڻ وارا آهن.
دادو جي لياقت جتوئي سان ن ليگ سنڌ جي قيادت ۽ پيپلزپارٽي رابطن ۾ آهي چيو وڃي ٿو ته لياقت علي جتوئي جي پ پ ۾ شموليت ۾ پ پ دادو جا ڪيترائي سينيئر اڳواڻ ناراضگي جو اظهار ڪري چڪا آهن ان ڪري لياقت علي جتوئي جا ن ليگ ۾ شموليت جا امڪان وڌيڪ آهن ،اهڙي طرح مهر ڀائرن مان ڪجهه ڀائر به ن ليگ کي پيارا ٿي ويندا، ذريعا چون ٿا ته قمبر شهداد ڪوٽ جي مگسي ڀائرن سان به اندروني طور تي ڳالهيون جاري آهن جيڪڏهن مگسي ڀائر ن ليگ ۾ شموليت ڪن ٿا ته پوءِ ان جو اثر لاڙڪاڻو، قمبر ۽ دادو مٿان به پوندو، اهو ئي سبب هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر ڏهه سال ناراض رهڻ جي باوجود مير نادر مگسي سان سندس ڪراچي واري گهر پهتي هئي ۽ ملاقات ڪئي ان ملاقات ۾ مير نادر مگسي سنڌي روايت کي برقرار رکندي کين آڌر ڀاءُ ڪيو ان حوالي سان ذريعا چون ٿا ته ٿي سگهي ٿو سگهاري ڌر جي اشارن تي مير نادر مگسي ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري سگهي ٿو ڇو ته سندس ڀائر ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي سياست جي بنياد تي ن ليگ ۾ شامل ٿي چڪا آهن. اهڙي طرح دادو جي پير مظر الحق ۽ سندس پٽ پير مجيب الحق به پ پ کان ڪافي سالن کان ناراض آهن ممڪن آهي ته اهي به ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪن اهو سمورو سسٽم اندر ۽ ٻاهران سرگرم عمل آهي ايندڙ 20 ڏينهن کان پوءِ پوري طاقت سان سنڌ مان وڏن وڏن ماڻهن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ کانپوءِ نواز شريف کي سنڌ جو دورو ڪرايو ويندو ۽ ان ماڻهن کي ن ليگ جي جلسن ۾ شموليت ڪرائي ويندي.
ن ليگ کي جهڙي نموني سان آندو پيو وڃي ان مان ظاهر پيو لڳي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي ڇو ته ن ليگ جنهن نموني سان سنڌ ۾ داخل ڪرايو پيو وڃي ان سان لڳي ٿو ته ن ليگ کي ٻين پارٽين جي نسبت سان صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جون سيٽون پ پ جي مقابلي برابر کٽن جو ٽاسڪ مليو آهي سگهاري ڌر موجب ن ليگ کي وفاق ۾گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ پوري ملڪ ۾ طاقت جو استعمال ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ ن ليگ جو وڏو وزير آڻڻ لاءِ پڻ ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي سميت ٻين ننڍين وڏين پارٽين کي گڏايو پيو وڃي ۽ ڪاميابي جي صورت ۾اتحادين کي وزارتون ڏئي خوش ڪيو وڃي.
اهڙي طرح اسٽيبشمنٽ جو خيال آهي ته پنجاب ۾ ن ليگ جي حڪومت قائم ڪجي جتي پي ٽي آءِ جو ووٽ 70 سيڪڙو نظر اچي رهيو آهي اصل مقابو پنجاب ۾ ٿيندو جيڪڏهن عمران اليڪشن ۾ ٻاهر اچي ٿو وڃي ته پوءِ ن ليگ لاءِ پنجاب مان سيٽون کڻڻ مشڪل ٿي ويندو اهڙي طرح اسٽيبلشمنٽ جو پروگرام آهي ته ڪي پي ڪي ۾ مولانا فضل الرحمان جي گڏيل حڪومت قائم ڪجي پر اتي به تحريڪ انصاف جو ووٽ تمام گهڻو آهي پي ٽي آءِ سربراهه جي صورت ۾ اتان به مولانا يا ڪا به به جماعت سيٽون نه کڻي سگهندي جڏهن ته بلوچستان ۾ موجود سياسي پارٽيون ته سڌو اسٽيبلشمنٽ جي اشارن تي جهمريون نهڻنديون آهم جتي کين اشارو ٿيندو آهي اهي اتي موجود رهنديون آهن شڪل ساڳيا صرف نالو تبديل هوندو آهي.
اسٽيبلشمنٽ چاهي ٿي ته ملڪ ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي جي اڪثريت نه هجي ته جيئن ملڪ جو سسٽم ائين ئي هلندو رهي پر اهو به سچ آهي ته ملڪ جو سسٽم جئين آهي تئين هلندو رهي واري سگهه برداشت ڪرڻ وار ناهي رهيو ڇو ته هن وقت ٻاهرين قوتن جو پاڪستان جي سياست ۽ اسٽيبلشمنٽ مٿان پورو اختيار حاصل آهي ۽ اهو به سچ آهي ته اهڙي صورت ۾ پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي ڇو ته گذريل 75 سالن کان ملڪ کي جهڙي طرح اسٽيبلشمنٽ هلائي رهي آهي ان سان نه ملڪ کي ڪو فائدو ٿيو آهي نه ئي عوام جو ڪو ڀلو ٿيو آهي، مهانگائي، بيروزگاري سبب ماڻهن جا حال هيڻا ٿي ويا آهن ڇو ته ڪهڙي طرح ڪرپٽ ڪامورن، سياستدانن، جنرلن ڪرپشن جي گنگا ۾ پاڻ کي اگهاڙو ڪيو آهي. اهو تاريخ جي ورق ۾ موجود آهن ڪرپشن جون ڪهاڻيون سڀني جي اڳيان آهن ته ڪهڙي سياسي اڳواڻ، رٽائرڊ ڪامورن، رٽائرڊ فوجي جنرل، رٽائرڊ جج ڪهڙي طرح سان ڪئين بي رحمي سان ملڪ کي لٽي ملڪتون وڃي ٻاهرين ملڪن ۾ ٺاهي ڇڏيون آهن مطلب ته ملڪ مان جيستائين ڪرپٽ مافيا جو خاتمو نه ٿيندو ملڪ جون حالتون تبديل نه ٿينديون.