پاڪستان ۾ نوازشريف جي وزارت اعظميٰ جي حلف برادري جي رسمي ڪارراوئي جي لوازمات پوري ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،پاڪستاني عوام جي اڪثريت ان کيل ۾ محض تماشائي جي حيثيت رکي ٿي.عوام بجلي جي بلن ۽ مهانگائي جو ماريل ۽ پريشان حال عوام آهي.چونڊون به ان لاءِ خوشگوار خبر نه آهي.چونڊن کي آزاداڻيون چوڻ هڪ مذاق کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.عوام شفافيت تي اعتبار ڪرڻ جي لاٰءِ تيار نه آهي.ملڪ جي سڀني کان وڏي جماعت تحريڪ انصاف کي روڪڻ جي لاءِ حڪومت مشينري سموري زور لڳائي رهي آهي.اهو سڀ ڪجهه ڏونڪي جي ڀير تي بنا ڪجهه لڪائڻ جي ٿي رهيو آهي.اها خانا پوري نوازشريف جي حلف بردراري جي لاءِ ٿي رهي آهي.ايتري تائين جو پيپلزپارٽي به ان تي ناراض آهي هاڻي ته اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪيل نه رهي آهي ته گذريل 18 مهينن کان ملڪ جي ڊي فيڪٽو يعني اصلي وزيراعظم آهي لنڊن ۾ پڻ ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءَ اڳوڻي وزيراعظم شهبازشريف هن کان ئي هدايتون وٺي ڪري رهيو هو. هن جي وزيراعظم جي نامزدگي پڻ سندس ئي مرضي سان ٿي هئي.جنهن انداز سان هن جي واپسي ٿي آهي اها ڪنهن وزيراعظم جي واپسي کان گهٽ نه هئي هن جي برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستان جي سفير سان هن جي الوداعي ملاقات اهڙي طرح ٿي جيئن ڪنهن وزيراعظم جي وطن واپسي وقت ٿيندي آهي.ملڪ ۾ انتظاميه هن جي ڀرپور آجيان ڪئي سموري انتظاميه سموري زور لڳائي ڪري هن جي جلسي کي جنهن انداز سان انتظام ڪيو ائين ته هن جي اڳوڻي حڪومت دور ۾ به نه ممڪن نه ٿيو هو.ممڪن آهي هي ڳالهه حقيقت جي ويجهو هجي.پر ظاهري طور ائين محسوس ٿئي ٿو ته ملڪ جي سمورن ادارن جو انتظام هن جي هٿ ۾ آهي جيڪڏهن ائين آهي ته هوءِ بادشاهه طور واپس آندو ويو آهي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪي نظام آهن ان ۾ ادارا آزاد ۽ غيرجابندار هوندا آهن انهن ۾ مداخلت نه هئڻ برابر هوندي آهي.جنهن ڪري عدم استحڪام نٿو ٿئي،پر هتي ادارن جي غيرجابنداري سواليه نشان آهي ڪئي نامور صحافي ان جو سڌي ريت اظهار ڪري رهيا آهن.
مسلم ليگ ن پاران هر شخص کي اهو باور ڪرايو پيو وڃي ته هاڻي نوازشريف ئي وزيراعظم چونڊيو ويندو ۽ ان جي حلف برداري ٿيندي.ان جا اڳواڻ سڌي ريت چئي رهيا آهن ته اسان جي مٿي ڳالهه ٿي چڪي آهي،اهي اڳواڻ اصل ۾ ان حقيقت کي لڪائي رهيا آهن ته ان سموري ڊارمي ۾ رڳو هڪڙي ڪمي رهجي وئي آهي اها هي آهي ته اهو سڀ ڪجهه عوام جي امنگن ۽ خواهشن جي خلاف ٿي رهيو آهي. غربت مهانگائي ۽ بجلي جي ڳرن بلن جي ڪري پريشاني ۾ ورتل ماڻهو اڄ ڪلهه ڪير پڇي ٿو ؟ اهي هڪ نظر نه ايندڙ قيد ۾ قيدي ٿيل آهي ۽ ان نظر نه ايندڙ جيل جي بادشاهه جي تاج پوشي جو تماشو فيبروري جي مهيني ۾ جبرن ۽ مجبوري ۾ ڏسندا.
اهڙي بي وسي ۽ پستي تي ملڪ جون ڪجهه سياسي ۽ مذهبي جماعتون ان طئي ٿيل ڊرامي جون حصيدار آهن ڇاڪاڻ جو انهن کي اميد آهي ته انهن کي ڪجهه وڌيڪ حصو ملڻ وارو آهي ۽ پوءِ واري عالمي مالياتي اداري جي شرطن پوري ڪرڻ جي لاءِ چونڊن جي عمل جي رسمي ڪارروائي پڻ طئي ڪرڻي آهي.پاڪستان جي موجوده حالتن کان مڪمل طور مطمئين اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي جيڪو هن خطي جي وڏي قوت بنجڻ چاهي ٿو ان جي خواهش پاڙيسري ملڪن تي ايترو گهڻو اثر هجي جو اهو هڪ ڪالوني جو درجو حاصل ڪري وٺي. ان سلسلي ۾ اهو هڪ حد تائين اولهه ۽ عالمي طاقتن جو تعاون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو.
ممڪن آهي پاڪستان جون حالتون ڪنهن عالمي منصوبي جو حصو هجن۽ پاڪستان ۾ موجود ڪجهه ماڻهو غيرشعوري طور تي ان راند جو حصو بڻجي ويا هجن.پاڪستان ۾ آئنده جو نقشو ڇا هوندو ان جو نئون رخ ڪهڙو هوندو. ان ۾ نوازشريف جي ڪهڙي اهميت هوندي ان جو اندازو ايندڙ حالتن مان لڳائي سگهجي ٿو.نوازشريف جي رسمي حلف برداري جي لوازمات ۾ هن جي مقدمن جو خاتمو چونڊن ۾ سندس جماعت کي ڪامياب ڪرائڻ جا لوازمات پوري ڪرڻ جي رڪاوٽ وڏي عوامي مزاحمت جو خطرو آهي.ڪاوڙ ۾ ورتل عوام ان سموري ڊرامي کي ناس ڪري سگهي ٿو. حڪومت جي لاءِ آسان حل تحريڪ انصاف تي پابندي آهي.ان جا متوقع اميدوار جيلن ۾ بند آهن يا گرفتار ڪيا پيا وڃن.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي نااهلي جو اعلان ڪنهن به وقت آڏو اچي سگهي ٿو.جيڪو ڪجهه هاڻي تائين ٿي چڪو آهي ان ۾ جيڪڏهن عوامي ردعمل جي اضافي جي صورت ۾ تحريڪ انصاف ڪامياب به ٿي وڃي ٿي ان صورت ۾ پڻ چونڊون تڪراري ئي رهنديون ان جي ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ سرگرمين تي پابندي جو عمل اڳي کان ئي جاري آهي.سڀني کي برابر جا موقعا نه آهن،ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف سان گڏ پيپلزپارٽي کي به ٻاهر ڪري سنڌ ۾ نئون اتحاد ٺاهيو پيو وڃي.اهو هڪ اهڙو اندروني انتشار آهي جنهن مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪا به صورت نظر نٿي اچي.ان ڳالهه جو پري پري تائين ڪو امڪان نظر نٿو اچي ته جيڪڏهن نوازشريف وزيراعظم بڻجي به ويو ته ان صورت ۾ پڻ ان جي عوامي مخالفت اڃان به وڌندي،ماڻهن ۾ ڏينهون ڏينهن ڪاوڙ وڌي رهي آهي جنهن جو بنيادي سببب ادارن جي جانبداري ۽ آئين کان پري هٽي وڃڻ آهي.ميڊيا جي غيرجانبداري ۽ شفافيت ختم ٿي چڪي آهي.ماڻهن جو ميڊيا تان اعتماد ختم ٿي ويو آهي، سوشل ميڊيا جي اهميت وڌي رهي آهي عدالت جو حال به خراب آهي اليڪشن ڪميشن ساک وڃائي چڪي آهي،تحريڪ انصاف جا اڳواڻ گرفتار ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اهي ڪنهن ٻي سياسي جماعت ۾ شامل ٿي وڃن ٿا تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ان کي “ڀنگ لاءِ اغوا” جو نالو ڏئي رهيا آهن.نگران حڪومت مسلم ليگ ن جي چونڊ مهم جوحصو بڻجي وئي آهي.پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي حڪومتن کي غيرقانوني تصور ڪيو پيو وڃي.جماعت اسلامي جيڪا اسرائيل جي غزه جي حملن احتجاج ڪري رهي آهي اها پاڪستان ۾ ٿيندڙسازشن کان يا اڻواقواف آهي يا ڄاڻي واڻي پنهنجي گروهي مفادن جي خاطر ان کي نظرانداز ڪري رهي آهي،شايد اهو ڄاڻيندي به ته جيڪو ڪجهه عالمي منظرنامي جو حصو آهي، ان کي نظرانداز ڪري رهي آهي.ٻي صورت اها آهي ته پاڪستان ۾ جاري ناانصافين تي پڻ ڪنهن وڏي ردعمل جو اظهاري ڪجي ها، سياسي جماعتن کي هڪ حل ڳولڻو پوندو.پاڪستان ۾ عوام کي آزادڻي شفاف چونڊن جي نتيجي ۾ ان بحران جو کي ختم ڪري سگهجي ٿو.ان جي لاءِ هڪ وسيع مفاهمت جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن پاڪستان جو عوام هن طرح جي موجود نظام کان بددل رهيو ته ۽ اها بيزاري وڌندي رهي ته ملڪ ۾ وڌيڪ وڳوڙن ۽ انتشار گهرو ويڙه ۽ اهڙي انتهاپسندي ڏانهن وڃي سگهي ٿو.جيڪو نه پاڪستان جي مفاد ۾ هوندو ۽ نه ئي انهن قوتن جي جيڪي ڪنهن غيرملڪي سازش جو اڻڄائي ۾ حصو بڻجي رهيا آهن.اوله کي به انتهاپسندي کي پذيرائي نه ملندي تحريڪ انصاف کي حڪومتي مشينري سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ۾ مصروف قوتن ڪجهه حقيقتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته راند جي ميدان ۾ ڪنهن به ٽيم کي بي ايماني يا فڪسڊ ميچ ذريعي هارائڻ کي تسليم نٿو ڪيو وڃي.ملڪي معاملن ۾ ڪئين ڪنهن سياسي جماعت جا هٿ پير ٻڌي ڪري هارائڻ کي تسليم ڪيو ويندو.جيڪا جماعت پابندين کي منهن ڏئي رهي آهي ان جي خلاف ميڊيا مهم منفي تاثر پيدا ٿئي ٿو ۽ مهم هلائندڙن تي ملامت پئي ٿي. ان سان اهي پنهنجي ساک وڃائي ڇڏين ٿا.جئين ڪيترن ئي ميڊيا جي نمائندن سان ٿيو آهي.
هڪ ٻيو مسئلو هي آهي ته تحريڪ انصاف ۾ عوامي سطح تي تيزرفتاري سان ڀرتي جاري آهي.هر ايندڙ ڏينهن پنج هزار ووٽرن جو اضافو ٿي رهيو آهي.جنهن ۾ ڏهن سيڪڙو ان جا ڪارڪن بڻجي رهيا آهن.ٻيون جماعتون ان سلسلي ۾ ناڪام آهن.ان جوسبب هي آهي ته سموريون حڪومتي ڪارروايون پڻ ڪنهن نتيجي جي باعث بڻجي رهيون آهن.جيڪي نيون جماعتون بڻايون ويون آهن، اهي مڪمل تباهه آهن. پاڪستان کي ان ڌٻڻ مان ڪڍڻ پوندو وسيع تر مفاهمت ۽ شفافيت سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
پاڪستان ۾ نوازشريف جي وزارت اعظميٰ جي حلف برادري جي رسمي ڪارراوئي جي لوازمات پوري ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،پاڪستاني عوام جي اڪثريت ان کيل ۾ محض تماشائي جي حيثيت رکي ٿي.عوام بجلي جي بلن ۽ مهانگائي جو ماريل ۽ پريشان حال عوام آهي.چونڊون به ان لاءِ خوشگوار خبر نه آهي.چونڊن کي آزاداڻيون چوڻ هڪ مذاق کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.عوام شفافيت تي اعتبار ڪرڻ جي لاٰءِ تيار نه آهي.